ڄامشورو(رپورٽر)  سنڌ يونيورسٽي ۾ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ دوران ملڪ خلاف نعريبازي ڪرڻ جي الزام هيٺ شاگردن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي

پوليس جي گشت سبب شاگردن ۾ خوف واري صورتحال پکڙيل آهي. هڪ ڊسمبر تي ”شاگرد جدوجھد اتحاد” جي اعلان تي يونيورسٽي اندر ايڪتا ڏھاڙو ملهايو ويو هو، جنهن تي ملڪ خلاف نعريبازي جو الزام هڻي پوليس 13 نامزد ڪيل شاگردن سميت 313  شاگردن تي اي ايس آئي شفيع محمد شاھ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو

May be an image of 1 person, standing and outdoors

جنھن بعد گذريل ڏينهن سنڌ يونيورسٽي ۾ ايس ڊي پي او سيوهڻ جي اڳواڻي ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس وڏن اٽالن سان يونيورسٽي اندر گشت ڪيو

پوليس يونيورسٽي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي ڪنٽرول سنڀالي ايندڙ ويندڙ شاگردن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ آئي ڊي ڪارڊ چيڪ ڪيا، سنڌولاجي گيٽ، باب الاسلام گيٽ، زيرو پوائنٽ سميت يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل گيٽ تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي جنھن دوران شاگردن ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ ڪيترائي ڪلاڪ يونيورسٽي ۾ پوليس جي وڏي نفري لامارا ڏيندي رهي

ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي هاسٽل پرووسٽ پسند کوسو ٻڌايو ته يونيورسٽي ۾ ڪا به خوف واري صورتحال ناهي امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پوليس يونيورسٽي اندر فليگ مارچ ڪيو آهي شاگرد محفوظ آهن هاسٽلن ۾ اچڻ وڃڻ تي ڪا به پابندي ناهي خوف واري صورتحال سميت مختلف هلندڙ ڳالهيون ڪوڙيون ۽ بي بنياد آهن. ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي ٻڌايو ته يونيورسٽي تي پوليس ڪا چڙهائي ناهي ڪئي ڪنھن به شاگرد جي گرفتاري ناهي ٿي. ٻئي پاسي آخري اطلاعن موجب پوليس جي نفري آخر ۾ ڇڙوڇڙ ٿي وئي

ياد رهي ته ڄامشوري ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو ايف آئي آر ۾  ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس گشت دوران هڪ ڊسمبر تي يونيورسٽي ۾ پھتي ته سنڌي ٽوپيون اجرڪ ۽ پٽڪا پائي بيٺل 250 کان 300 ڄڻا ملڪ خلاف نعريبازي ڪري عوام ۾ نفرت ڦهلائي رهيا هئا پوليس جي ويجھو اچڻ سان شاگرد ڇڙوڇڙ ٿي ويا

جن مان پوليس فدا حسين پنهور،جانب وساڻ، مزمل زمان،آمر اڪاش لاکو،ارسلان آريسر، جسونت راٺوڙ، نبي عرف فرقان پنهور،دريا خان پنهور، لطيف ٻگهيو، شهباز پيرزادو، غني امان چانڊيو، رابع چانڊيو زيب جتوئي کي سڃاڻي ورتو جن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو

ھي به پڙھندا

سنڌ سان درد جو رشتو: سموري سنڌ ۾ ايڪتا ڏھاڙي جي آجيان لاءِ تقريبون، ميڙاڪا ۽ مچ ڪچھريون