حيدرآباد (بيورو رپورٽ) روينيو کاتي سنڌ پاران 11هين ۽ 14هين گريڊ جي سب رجسٽرارن جي پوسٽ کي اپگريڊ ڪري اهو عهدو 15هين گريڊ جو ڪيو ويو آهي. سب رجسٽرار گريڊ 16هين جي عهدي کي اپگريڊ ڪري انسپيڪٽر آف رجسٽريشن جو عهدو قرار ڏئي ان جو گريڊ 17هون ڪيو ويو آهي. انهن عهدن تي مقرر آفيسرن کي به اپگريڊ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي. مجموعي طور گريڊ 11هين جي 40 سب رجسٽرارن کي اپگريڊ ڪري 15هين گريڊ جو سب رجسٽرار بڻايو ويو آهي. انهن سب رجسٽرارن ۾ فهيم اختر ٽالپر، نور محمد جيسر، عابد علي مري، محمد نديم، فائق علي شاهه، خرم حسين ميمڻ، شاهد اقبال، مجيب الرحمان، قربان علي، عبدالرزاق، اشفاق حسين شاهه، محمد نعيم، غلام مصطفيٰ، نظير احمد، شتروگن، ديپ ڪمار، طارق حسين، معصوم پرويز، صديق ميمڻ، عبدالڪريم، منظور احمد، زاهد علي، ظهير الدين بابر، حاجي خان، نظير احمد، عبدالجيل ميمڻ، غلام مرتضيٰ پاٽولي، اياز علي قريشي، غلام مرتضيٰ پتافي، زبير انور کوکر، مشتاق احمد، شاڪر علي وگهيو، شاهد خان، منصور احمد سومرو، امان الله سومرو، جميل احمد ميمڻ، شڪيل احمد، جاويد حسين وگهيو، خالد حسين ۽ غلام حسن لنڊ شامل آهن. گريڊ 14هين جي جن سب رجسٽرارن کي گريڊ 15هين ۾ اپگريڊ ڪيو ويو آهي انهن ۾ ديو پرڪاش، ذاولفقار علي لاکو، ضمير الدين، صفدر علي قريشي، جاويد الرحمان، آصف اقبال چانڊيو، محمد اسماعيل، ولي محمد شيخ، شهاب الدين شاهه، آصف علي سرڪي، شاهد رضا شاهه، محمد حسين لانگاهه، محمد حسن زرداري، ياسر حسين شاهه، ڪشمير احمد ڌاريجو، لياقت علي شيخ، نعيم احمد پتافي، عبدالغني، آفتاب احمد ڪلوئي، عبدالجبار، منٺار علي زرداري، زوهيب نظر گوپانگ، ذوالفقار علي، سيد محمد شعيب علي، امداد علي قريشي، شمس الدين ڌاريجو، پرويز احمد ۽ فاروق احمد شيخ شامل آهن. گريڊ 16هين جي هڪ سب رجسٽرار نثار احمد سومرو جي عهدي کي اپگريڊ ڪري کيس گريڊ 17هين انسپيڪٽر آف رجسٽريشن ڪيو ويو آهي.