ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ۽ فلور ملز مالڪن ۾ ڳالهيون ڪامياب، اٽي جو اگهه گهٽائڻ، سيل ڪيل فلور ملز کولڻ ۽ سستي ڪڻڪ جي ڪوٽا جاري ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو، ڪالهه خوراڪ واري وزير مڪيش چاولا سان  صوبائي سيڪريٽري جي آفيس ۾ فلور ملز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چوڌري عامر، حاجي محمد يوسف ۽ ٻين ملاقات ڪئي. خوراڪ کاتي موجب  فلور ملز  ۽ خوراڪ کاتي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيون، گذريل ڏينهن سيل ڪيل 4 فلور ملز کي کوليو ويندو، جڏهن ته فلور ملز مالڪ اٽي جو اگهه  گهٽائيندا. ڳالهين بعد فلور ملز ِمالڪن  ٻن ڏينهن کان جاري هڙتال ختم ڪري ڇڏي