سنڌ حڪومت ڪورونا لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪري ڇڏي

0
413

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪورونا لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪري ڇڏي، مارڪيٽون رات ڏهين وڳي تائين کولڻ جي اجازت، انڊور ڊائننگ تي لاڳو پابندي به ختم ڪئي وئي آھي.

 هاڻ مارڪيٽون هفتي ۾ ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن آچر تي بند رهنديون، انڊور شادي ۽ ٻين تقريبن ۾ 200 ماڻهن کي شرڪت جِي اجازت هوندي، آئوٽ ڊور تقريبن ۾ 400 ماڻهو شرڪت ڪري سگهندا: سنڌ جَي گهرو کاتي ڪورونا پابندين بابت نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي.