سنڌ حڪومت ڪورونا جي نالي تي واپارين مٿان بم ڪيرايو آھي: ڪراچي جا واپاري

0
173
ڪراچي جا واپاري پريس ڪانفرنس ڪري رھيا آھن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي واپارين لاڪ ڊائون کي رد ڪري ڇڏيو، سندن چو آهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا جي نالي تي واپارين تي بم ڪيرايو آھي، حڪومت ائين محسوس ڪرايو ڄڻ سڄي وبا دڪانن تائين پکڙجي ٿي، واپاري الائنس جي اڳواڻن جميل پراچا، شرجيل گوپلاڻي، رضوان احمد ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اندروني سنڌ مان مريضن کي ڪراچي آڻي ٽيسٽون ڪرايون پيون وڃن ۽ انهن جو ملبو ڪراچي جي واپارين تي ڪيرايو پيو وڃي، ڪورونا ڪيس ھئا ته پ پ اليڪشن ۾ ڇو حصو ورتو، هنن چيو آهي ته ڀلي ڪاروبار بند ڪيو وڃي پر واپارين کي رليف ڏنو وڃي، بنا وياج قرض ڏئي ٽيڪس معاف ڪيا وڃن، هنن چيو آهي ته گذريل ڪورونا جي لھر ۾ به ٽيڪس معاف نه ڪيا ويا، ڪراچي جي معيشت کي برباد ڪيو پيو وڃي، چيف جسٽس ۽ چيف آف آرمي اسٽاف نوٽيس وٺن، وزيراعظم صاحب اسان جي مدد ڪري ڪو آرڊيننس جاري ڪرائي، 3 صوبا ھڪ طرف ته ھڪ صوبو ھڪ پاسي بيٺل آھي. هنن چيو آهي ته سومر تائين ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏني وڃي ٻي صورت ۾ پاڻمرادو ڪاروبار کوليو ويندو، جيڪي ڪنٽيڪر ٻاھران آيا اھي شھر ۾ آڻڻ لاءِ ڪا پاليسي ناهي ڏني وئي،: في ڪنٽيڪر تي 10 لک تائين نقصان ٿيندو ۽ لاڪ ڊائون سبب اربين رپين جو نقصان ٿيندو، هنن چيو آهي ته سنڌ ۾ بيوروڪريسي ڪاغذن تي معيشت ھلائي رهي آهي، وفاق ان لاڪ ڊائون جي خلاف آھي ته عملي قدم ڇو نٿي کڻي، فوج کي ذميواري ڏني وڃي، هنن چيو آهي ته پھرين لاڪ ڊائون سبب 15 سيڪڙو واپاري بينڪ جا قرضي ٿي ويا آھن، 32 سيڪڙو واپارين پنهنجون ملڪيتون کپائي قرض لاٿو، پھريان 50 سيڪڙو اسٽاف کي نوڪرين کان جواب ڏنو ۽ ھاڻي وڌيڪ 20 سيڪڙو ملازمن کي نوڪرين مان جواب ڏنو ويندو، اسان کان بندوق جي زور تي ته ٽيڪس ورتو پيو وڃي پر سار نه پئي لڌي وڃي، جيستائين لاڪ ڊائون هلندو ٽيڪس ادا نه ڪنداسين، حڪومت جا قرض معاف ٿا ٿين ۽ اسان جا قرض وڌي رهيا آهن. هنن چيو آهي ته وڏو وزير نه هجڻ تي صوبائي وزيرن سان ملاقات ڪرائي وئي، اسان سان دوکو ڪيو ويو آهي، اسان بجلي جا بل ادا نه ڪنداسين، اسان جو مقصد آهي ڪاروبار کي ايس او پيز تحت کوليو وڃي، 8 آگسٽ کانپوءِ لاڪ ڊائون ختم نه ڪيو ويو ته ڪاروبار کولي ڇڏينداسين.