سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٻيلهه سواري تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي

0
296

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي، پوليس موجب سنڌ حڪومت طرفان ٻيلهه سواري تي پابندي ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته شهر ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ تي عملدرآمد فوري طور تي ٿيندو، واضح رهي ته سنڌ حڪومت گذريل ڏينهن لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو هو جنهن ڪري ٻيلهه سواري به پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي جيڪا ختم ڪئي وئي آهي.