سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽن مهينن تائين مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان ٻيهر معذرت

0
275
نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ وارن آر اوز جي فيصلن خلاف اليڪشن ٽربيونلز ۾ اپيلون داخل
نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ وارن آر اوز جي فيصلن خلاف اليڪشن ٽربيونلز ۾ اپيلون داخل

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽن مهينن تائين مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان ٻيهر معذرت ڪري ڇڏي، سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي رپورٽ اماڻي ڇڏي آھي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ڊويزن ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ پوليس نفري گهربل آهي، هر پولنگ اسٽيشن تي 4 کان 8 اهلڪار مقرر ٿيڻ کپن، پوليس نفري ٻوڏ سبب ٽن مهينن تائين مصروف رهندي

ECP postpones local body polls in Karachi, Hyderabad scheduled for Sunday

رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزارت به 5 هزار اهلڪار گهريا هئا، اهي پوليس اهلڪار آءِ جي اسلام آباد جي ماتحت آهن

رپورٽ ۾ چيو ويو ته سنڌ پوليس جا اهلڪار ڪورونا ويڪسنيشن ۾ به مصروف آهن، اهڙي صورتحال ۾ پرامن ۽ شفاف مڪاني چونڊون ڪرائڻ ممڪن نظر نه پيو اچي

ھي به پڙھندا

چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪيس: خواجا اظھار، فاروق ستار ۽ وسيم اختر بري

سنڌ ۾ عدالتي حڪمن جي ابتڙ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ لڳا