ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ عورتن لاءِ گلابي ٽيڪسي ۽ رڪشا شروع ڪرڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام  ميمڻ ايوان ۾ سفري سهولتن وارن منصوبن بابت چيو ته ڪراچي واسين کي جلد ٽريفڪ نظام بهتر ٿيندي نظر ايندو، ايوان ۾ ايم ڪيو ايم جي منگلا شرما جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌسرڪار ٽرانسپورت مختلف  منصوبن تي ڪم ڪري پئي، ٽرانسپورٽ کاتو جلد ٽيڪسي سروس شروع ڪندو، عورتن لاءِ پنڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ وڃون پيا، رڪشائن ۽ ٽيڪسين ۾ ميٽر لڳائڻ واري معاملي تي ٽريفڪ پوليس ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته مهانگائي ٿيڻ باوجود ڀاڙا نه وڌايا ويا آهن، چٽا ڀيٽي جي امتحانن بابت جي ڊي اي جي نند گوڪلاڻي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته عدالت 18 مهينن تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيوهو، هاڻ نئين باڊي ڪم ڪري رهي آهي، اسان گريڊ 15 تائين جي ڀرتين لاءِ آءِ بي اي ذريعي ٽيسٽ ورتي آهي، هاڻي انٽرويوز ٿيندا، جلد نوڪريون ڏينداسين، ايم ڪيو ايم جي نديم احمد صديقي جي حيدرآباد ۾ برسات متاثرن کي رليف نه ملڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏيندي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته حيدرآباد ۾ برساتن بعد صورتحال خراب هئي، سنڌ سرڪار ڪوششون وٺي پئي، متاثرن کي گهر اڏڻ لاءِ 3 لک رپيا ڏنا پيا وڃن، برساتن ۾ فصل تباهه ٿي ويا، اسان  آبادگارن کي في ايڪڙ 5 هزار رپيا ڏنا آهن، آصف زرداري جي هدايت تي ڪڻڪ جو اگهه به 4 هزار رپيا في مڻ ڪيو، هن چيو ته حيدرآباد جي شهرين توڙي صنعتڪارن کي پهتل نقصان جو ازالو ڪيو ويندو، ايم ڪيو ايم جي وسيم الدين قريشي جي واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج جي خراب حالت بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏيندي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه چيو ته پاڻي جو اشو وڏو آهي، مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون،