ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران برسات متاثرن لاءِ رليف ڪيمپون قرار ڏنل سرڪاري اسڪول خالي ڪرائڻ جو فيصلو،  ان حوالي سان تعليم کاتي جي سيڪريٽري سمورن ڊي سيز کي خط لکي کين هدايت ڪئي آهي ته اهي رليف ڪيمپ قرار ڏنل سرڪاري اسڪول برسات متاثرن کان خالي ڪرائي  کين ٽينٽ سٽيز ۾ منتقل ڪرائين، خط ۾ لکيو ويو آهي ته اسڪولن ۾ رليف ڪيمپون هجڻ سبب شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، متاثرن جي ٽينٽ سٽيز ۾ منتقلي بعد  ڄاڻايل اسڪولن ۾ تعليمي سرگرميون شروع ڪري سگهبيون، واضح رهي ته پي ڊي ايم اي جي انگن اکرن موجب  پرڳڻي ۾ قائم ڪيل 2980 رليف ڪيمپن ۾ 510791 متاثر  ترسيل آهن