ملير( رپورٽر )سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وهاب ابراهيم حيدري ۾ پهچي روڊ ۽ ٻين ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺندي ابراهيم حيدري، علي اڪبر شاهه سميت مختلف علائقن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي پ پ ايم اين اي آغا رفيع الله، ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، جان عالم ڄاموٽ ۽ ٻيا پڻ سان گڏ هئا، جن کيس علائقي جي مسئلن ۽ رٿائن بابت آگاهي ڏني،  ترقياتي ڪمن جي جائزي  دوران مرتضيٰ وهاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت سدائين عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، هي روڊ مڪمل ٿيڻ سان مقامي ماڻهن جا ڪيترا ئي مسئلا حل ٿي ويندا، پ پ ايم اين اي آغا رفيع الله چيو ته مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي، مخالفن کي واويلا ڪرڻ بدران پنهنجي شڪست تسليم ڪرڻي پوندي. ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ چيو ته اسان پيپلز پارٽي سان گڏ آهيون، سنڌ حڪومت ابراهيم حيدري سميت سامونڊيءَ پٽي ۾ کوڙ ساريون رٿائون آنديون آهن، جيڪي وقت سر مڪمل به ٿي رهيون آهن، ڪوسٽل بيلٽ تي ڪم ٿيڻ سان ماڻهن جو اعتماد وڌيو آهي. هوڏانهن مرتضيٰ وهاب کي حيدري اسپورٽس فٽبال گرائونڊ، بلوچ مجاهد فٽبال گرائونڊ ۽ ٻين رٿائن جو دورو پڻ ڪرايو ويو