سنڌ حڪومت جي پاليسي آهي ته ڪم ڪرڻو ئي ناھي: اسد عمر

0
294

گهوٽڪي(ن پ ا) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته گهوٽڪي ضلعو سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ ضلعو آهي، گهوٽڪي جي گيس پاڪستان جي علائقن ۾ وڃي ٿي، هو ظلم آهي ته گهوٽڪي جي ڳوٺن کي گيس نه پئي ڏني وڃي، وزير اعظم ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته جتي وسيلا هجن اتان جي مقامي ماڻهن جو پهريون حق آهي، گهوٽڪي ويجهو گلبهار سنگھڙ ۾ ڳوٺن کي گيس فراهم ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته حليم عادل شيخ تي حملو ڪرائڻ ۾ سنڌ حڪومت جو ڪو ماڻهو ملوث آهي، سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته حليم عادل وڏو ليڊر بڻجي، هن چيو آهي ته حليم عادل اهڙين حرڪتن کان نه ڊڄنڊو، هو پنهنجي محنت جاري رکندو، سنڌ حڪومت جي پاليسي آهي ته ڪم ناهي ڪرڻو ۽ نه وري ڪنهن کي ڪرڻ ڏيندا، سنڌ ۾ پنجاھ سالن کان پ پ جي حڪومت رهي آهي پوءِ سنڌ واسين کي ڪجهه به نه مليو، هن چيو آهي ته سنڌ ۾ ان وقت کان پي پي جي حڪومت آهي جڏهن بلاول پيدا ئي نه ٿيو هو، بلاول اڃا به ڪم ڪرڻ لاءِ ٽائيم پيو گهري، سنڌ حڪومت اسان کي ڪم ڪرڻ کان روڪي رهي آهي، وزير اعظم سکر آمد دوران سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جو اعلان ڪيو هو، هن چيو آهي ته اسان هڪ مهيني اندر جيڪب آباد، گهوٽڪي، خيرپور ۾ ترقياتي ڪمن جو افتتاح ڪري رهيا آهيون، وزير اعظم جي 22 سال جدوجهد رهي آهي ۽ اسان جي پارٽي جو نالو به انصاف آهي ڪنهن سان زيادتي نه ٿيندي، طاقتور ماڻهن جي لاءِ الڳ قانون ناهي جهانگير ترين کان وزيراعظم ڪو انتقام نه پيو وٺي.