ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت پاران شگر ملون 29 نومبر تائين هلائڻ جي حڪم باوجود صوبي ۾ رڳو 13 شگر ملون هلي سگھيون، ايوان زراعت پاران شگر ملون نه هلائيندڙ مل مالڪن تي شگر ڪين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کين جيل موڪلڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ جي زراعت کاتي پاران صوبي جون سموريون شگر ملون هر حال ۾ 29 نومبر تائين هلائڻ جي حڪم باوجود هن وقت تائين 36 مان صرف 13 شگر ملون هلي سگھيون آهن جڏهن ته باقي شگر ملن جي انتظاميا پاران حڪومتي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو آهي. مليل ڄاڻ موجب ته ڊگھڙي شگر مل، العباس شگر مل ميرواھ گورچاڻي، ٿرپارڪر شگر مل ڪوٽ غلام محمد، سانگھڙ، مٽياري، ڪرن شگر مل، ميرپورخاص، سنڌ آبادگار شگر مل ٽنڊومحمد خان سميت مجموعي طور تي 13 شگر ملون هلايون ويون آهن. ان حوالي سان ايوان زراعت جي سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي پاران اهو مطالبو ڪيو ويو آهي ته جن شگر مل مالڪن پارانا شگر ملون چالو نه ڪيون ويون آهن انهن جي خلاف شگر ڪين بورڊ جي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ شگر مل مالڪن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا وڃن. هن چيو آهي ته شگر ملون نه هلڻ سبب آبادگارن جو ڪمند تباھ ٿي رهيو آهي، حڪومت بِنا دير ايڪشن وٺي.