سنڌ حڪومت جا حڪم هوا ۾ اڏايا ويا، حيدرآباد ۾ عيد جو جواز ڄاڻائي ٽرانسپورٽرن ڀاڙا وڌائي ڇڏيا

0
86

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ عيد جو جواز ڄاڻائي ٽرانسپورٽرن مسافر گاڏين جي ڀاڙن ۾ واڌ ڪري ڇڏي جنهن سبب پنهنجن سان عيد ملهائڻ لاءِ ويندڙ مسافر سخت پريشان آهن

ٻڌايو پيو وڃي ته حيدرآباد کان ڪراچي، سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص، دادو توڙي پنجاب جي مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏين جي ڀاڙن ۾ ٽرانسپورٽرز پاڻمرادو 200 کان 300 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب مهانگائي جا ماريل شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن

مسافرن جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽ کاتي اعلان ڪيو هو ته ڀاڙن ۾ پاڻمرادو اضافو ڪندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف ڪارروايون ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويندا پر بسن، وينن توڙي ڪوچن جي اڏن تي ٽرانسپورٽ کاتي جو ڪو به عملدار کانئن ڀاڙن بابت تفصيل وٺڻ لاءِ نٿو پهچي جنهن ڪري هو پنهنجي من ماني تحت مسافرن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن

مسافرن اهو به ٻڌايو ته ٽرانسپورٽ کاتي پاران آفيسن ۾ مقرر ڪيل فوڪل پرسن جا جيڪي نمبر جاري ڪيا ويا آهن اهي يا ته بند ملن ٿا يا وري فون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن جنهن ڪري سندن شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪو به تيار نه آهي

هنن چيو ته اڏن تي جيئن هو گاڏين ۾ سوار ٿين ٿا ته وڌيڪ ڪرايو وٺندڙ ٽرانسپورٽرز سندن منزل تي پهچائڻ کان پهرين ڀاڙو وصول ڪيو ڇڏين ٻي صورت ۾ هو کين اتي ئي گاڏين مان لاهيو ڇڏين. مسافرن صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن وڌيڪ ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف ڪارروائي عمل ۾ اچي سگهي

هي به پڙهندا

مسافرن کان واڌو ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون