شڪارپور (رپورٽر) برسات ۾ سموري سنڌ ۾ وڏي تباھي آئي آهي پر سنڌ سرڪار متاثرن جي بحالي ۽ ريسڪيو ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي، پ پ حڪومت برسات متاثرن لاءِ آيل اربين رپين ۾ ڪرپشن ذريعي هڙپ ڪري ڇڏيا آھن، سنڌ حڪومت اعلان ڪيو هو ته ھارين کي ربيع جي پوکائي جي لاءِ ٻج ڏنو ويندو موسم ختم ٿيڻ واري آھي پر ھارين کي ٻج ناھي ڏنو ۽ نه وري سنجيدگي ڏيکاري پئي ڪراچي ۾ جيڪو ايم ڪيو ايم کي سياسي نقصان پھتو آھي اھو پ پ الائنس جو نتيجو آھي پي ٽي آءِ اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻيندي، سنڌ ۾ خاص ڪري اتر سنڌ ۾ چوري ڦر اغوا قتل ۽ قبيلائي دھشتگردي روز جو معمول بڻيل آهي. اھڙن خيالن جو اظھار جي ڊي اي ايم پي اي شھر يار مھر خانپور جي سينئر صحافي الطاف لاڙڪ سان سندس وڏي ڀاءُ رفيق لاڙڪ جي لاڏاڻي تي تعزيت دوران ڪيو، ھن چيو ته برسات کانپوءِ مليريا سميت ٻين وبائي بيمارين منھن ڪڍيو آھي،  اسپتالن ۾ ڪابه سھولت موجود ناھي.ھڪ مھيني کان صحت کاتي جي ملازمن جي بائيڪاٽ سبب سنڌ جا لکين مريض دربدر آھن.هن چيو ته سنڌ سرڪار اعلان ڪيو ته برسات متاثرن کي  ربيع جو فصل پوکائي لاءِ ٻج ڏينداسين ۽ جنھن جا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن انھن کي به گھر ٺاھي ڏنا ويندا پر ھن وقت تائين سروي مڪمل ناھي ڪئي وئي ۽ ربيع جي فصل جو به ٽائيم نڪتو پيو وڃي.برسات ۾ سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه رڪارڊ ڪرپشن ڪئي، ڪم صرف ڪاغذن ۾ ڏيکاريو پيو وڃي پر عملي طور تي ڪو به ڪم نظر نه پيو اچي.جن علائقن ۾ پ پ مخالف اميدوار ڪامياب ٿيا انھن علائقن کي مڪمل نظر انداز ڪيو ويو آھي، سنڌ ۾ چوري، ڦر، اغوا، قتل ۽ قبيلائي دھشتگردي روز جو معمول بڻيل آھي،ڌاڙيل پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏيندا آهن، سنڌ حڪومت ڪيئن چاھيندي ته ڌاڙيل ڪلچر جو خاتمو ٿئي .ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ واضح اڪثريت سان بلدياتي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻيندي.