سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون، ڪراچي پوليس جو سربراھ تبديل

0
553

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون، سنڌ سرڪار ڪراچي پوليس جو سربراهه تبديل ڪري ڇڏيو، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ کي هٽائي سندس جاءِ تي يعقوب منهاس کي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ غلام نبي ميمڻ ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ مقر ڪيو ويو آھي، عمرڪوٽ جي ايس ايس پي شاهجهان کي هٽائي سندس جاءِ تي مختيار خاصخيلي کي ايس ايس پي عمرڪوٽ مقرر ڪيو ويو، شاجهان کي ڪورنگي ۾ ايس ايس پي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي.