ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  پرڳڻي جي ڳوٺن ۽ شهرن مان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ  آبپاشي جي چيف انجنيئرن جي اڳواڻي ۾ ڪاميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن  ڪالهه وزيراعليٰ هائوس  ۾ ٿيل اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته  صوبي ۾ پاڻي گهٽجڻ شروع ٿي ويو آهي. مختلف ضلعن ۾ بيٺل پاڻي جي نيڪال لاءِ  ڪوششون ورتيون وڃن ته جيئن خيمن ۽ مکيه شاهراهن تي رهندڙ ماڻهن کي پنهنجن گهرن ڏانهن موڪليو وڃي، جڏهن ته  ربيع جي پوکي ٿي سگهي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو بريفنگ ۾ ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ جي سطح 23.3 کان گهٽجي -118.85  آر آيل ٿي وئي آهي ،  لاڙڪاڻو- سيوهڻ بند کي ڏنل 4 مان هڪ ڪٽ کي ڀريو ويو آهي جڏهن ته باقي 3 ڪٽن،  دانستر، اڙل هيڊ ۽ ٽيل وٽان 114010 ڪيوسڪ پاڻي سنڌو ۾نيڪال ٿي رهيو آهي.سکر بئراج جي ساڄي پاسي سيف الله ۽ رائس ڪئنال ڊويزن جي مٿانهين حصي ۾ ايف پي بند وٽان پاڻي جي سطح  8  فوٽ گهٽجي وئي آهي. جڏهن ته ڏکڻ دادو ڊويزن جي هيٺئين پاسي 4 کان 7 فوٽ ۽ سپريو بند ۾ به پاڻي جي سطح 5 کان 6 فوٽ گهٽجي وئي آهي.  ايم اين وي جي آر ڊي -194 تي  2.9 فوٽ، آر ڊي-210 تي 3.3 فوٽ ۽ آر ڊي -346 تي 11 فٽ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. شهداد ڪوٽ ۽ ميرو خان جي مکيه نالن جي سطح به هڪ کان ٻه فوٽ گهٽجي وئي آهي، هاڻي ٻئي نالا آر بي او ڊي ٿري ۾ وهي رهيا آهن. ميهڙ سٽي رنگ بند  وٽ پاڻي جي سطح 5 فوٽ گهٽجي وئي آهي ، جڏهن ته خيرپور ناٿن شاهه جو مرڪزي چينل ايم اين وي ۾ وهي رهيو آهي اتي سطح  5 فوٽ گهٽجي آهي. جوهي برانچ  جي آر ڊي 67 خيرپور ناٿن شاهه دادو روڊ تي به پاڻي جي سطح 5.5 فوٽ گهٽجي وئي آهي. ڀان سيد آباد رنگ بند وٽ پاڻي مڪمل لهي ويو آهي، قبو سعيد خان، شهداد ڪوٽ، قمبر، وارهه ۽ نصيرآباد جي مٿانهين علائقن ۾ پاڻي جي مجموعي سطح گهٽجي رهي آهي،چکي وٽ ايف پي بند کي لڳل گهارو بند ڪيو ويو آهي،  ميرپورخاص ۾ ايل بي اوڊي جي اسپائنل ڊرين جو آر ڊي -728 تي وهڪرو 11.70، آر ڊي -468 تي 15.2، آر ڊي -305 تي 18.65 ۽ آر ڊي -295 تي 20.10، ۽ آر ڊي -245 تي 18.75 رڪارڊ ڪيو ويو، اتي ٻه گهارا هئا، جن مان هڪ کي ڀريو ويو آهي جڏهن ته ٻيو اڄ تائين ٻڌو  ويندو. اسپائنل ڊرين جا گيجز به آهستي آهستي گهٽجي رهيا آهن. وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته خيرپور ضلعي ۾ ڪوٽڏيجي ۽ ٺري ميرواهه  تعلقن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪشمور ضلعي ۾ 128037 ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ هئي، جنهن مان 46 سيڪڙو پاڻي نڪري چڪو آهي. جيڪب آباد مان 34،  شڪارپور ۾ 48، قمبر ۾ 15، لاڙڪاڻي ۾ 34، ٺٽي ۾ 76 ، گهوٽڪي ۾ 68 ، سکر ۾ 34 ، خيرپور ۾ 28 ، نوشهري فيروز ۾ 34 ، شهيد بينظيرآباد ۾ 34،  سانگهڙ ۾ 61 ، عمرڪوٽ ۾53، ميرپورخاص ۾ 39 ، مٽياري ۾ 78 ، ٽنڊي الهيار ۾49 ، حيدرآباد ۾ 53 ، ٽنڊي محمد خان ۾ 58 ، سجاول ۾ 46 ۽ بدين ۾ 37 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي. دادو ۽ ڄامشورو ضلعن ۾  اڃا پاڻي  بيٺل آهي