ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ يوسي سيڪريٽرين پاران غيرقانوني طور سرڪاري بينڪ اڪائونٽس استعمال ڪرڻ جو انڪشاف، ان ڏس ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين سنڌ بينڪ جي صدر کي خط لکي مختلف ضلعن جي 107 يوسيز جا بينڪ اڪائونٽ بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  مڪاني ادارن واري کاتي جي 107 يونين ڪائونسلن/ يونين ڪاميٽين جي سيڪريٽرين پاران سرڪاري بينڪ اڪائونٽ غيرقانوني طور تي استعمال ڪرڻ وارو نئون اسڪينڊل  سامهون اچي ويو آهي، جنهن بعد لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين پاران سنڌ بينڪ جي صدر ڏانهن خط لکي اها سفارش ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل 107 يوسيز جااڪائونٽ بند ڪيا وڃن، خط ۾ چيو ويو آهي ته  ڪراچي جي 36، حيدرآباد جي 8، ٺٽي جي 9، بدين جي 28، مٽياري ۽ ڄامشوري جي 2-2 يوسيز جا بينڪ اڪائونٽ بند ڪيا وڃن، جڏهن ته سجاول، ٽنڊي محمد خان ۽ ٽنڊي الهيار ضلعن جي مختلف يوسيز جا غير قانوني طور هلندڙ  بينڪ اڪائونٽس پڻ بند ڪيا وڃن