ڪراچي (رپورٽ: سترام مهيشوري ۽ اياز بروهي)سنڌ جي 18 وزير،5 صلاحڪارن  ۽ 22 خاص معاونن لاءِ نوان اي سي، ڪمپيوٽر، ٽي وي سيٽ، واٽر  ڊسپينسر، فيڪس ۽ فوٽو اسٽيٽ  مشينون ۽ فرنيچر خريد ڪرڻ جو فيصلو. ڪروڙين رپيا مختص. ان ڏس ۾ بجيٽ 2022-23ع ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 18 وزيرن لاءِ 14 لک جا 10 نوان ڪمپيوٽر ۽ 5 لکن جا 10 پرنٽر خريد ڪيا ويندا جڏهن ته ڪمپيوٽر جي مختلف اوزارن لاءِ الڳ سان 5 لک رپيا رکيا ويا آهن.  جڏهن ته وزيرن لاءِ سوا 4 لک جي ماليت جا هڪ ٽن وارا 5 اسپلٽ اي سي، 6 لک ماليت وارا ڏيڍ ٽن جا 5 اسپلٽ اي سي ۽ 13 لک 59 هزارن جي ماليت جا 2 ٽن وارا 9 اسپلٽ اي سي خريد ڪيا ويندا، بجيٽ ۾ 9 جديد فيڪس مشينن جي خريداري لاءِ 8 لک 10 هزار ۽  3 فوٽو اسٽيٽ مشينن لاءِ 8 لک 70 هزار مختص ڪيا ويا آهن. 9 صوبائي وزيرن لاءِ 52 انچ جا ايل اِي ڊي سيٽ (اينڊرائڊ ٽي وي) خريد ڪرڻ لاءِ 6 لک 39 هزار، 9 واٽر ڊسپينسرن لاءِ 3 لک 34 هزار ، 8 لائين واريون 10 عدد مني ٽيليفون ايڪسچينجز جي خريداري لاءِ 12 لک 60 هزار رپيا رکيا ويا آهن. بجيٽ بوڪ موجب  صوبائي وزيرن لاءِ نئين فرنيچر جي خريداري واسطي الڳ سان 25 لک رکيا ويا آهن، ساڳئي ريت 5 صوبائي صلاحڪارن توڙي 22خاص معاونن لاءِ 15 ڪمپيوٽرن جي خريداري لاءِ 21 لک، 15 ليزر پرنٽرن لاءِ ساڍا 7 لک، 21 انچ وارن 15 ايل اِي ڊي مانيٽرن لاءِ 4 لک 80 هزار ۽ ڪمپيوٽرن جي سامان لاءِ 5 لک رکيا ويا آهن. صوبائي صلاحڪارن لاءِ ساڍا 8 لکن جا هڪ ٽن وارا 10 اي سي ۽ 18 لک ماليت جا ڏيڍ ٽن وارا 15 اسپلٽ اي سي  ۽ هڪ لک 80 هزار جا 5 واٽر ڊسپينسر خريد ڪيا ويندا. وزيرن  جيان مشيرن ۽ خاص معاونن واسطي نئين فرنيچر جي خريداري لاءِ الڳ سان 25 لک رپيا مختص ڪيا ويا آهن.