ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو ۽ فقير سليم) سنڌسرڪار 332 ارب جي صوبائي اي ڊي پي ۾ شامل 4158 هلندڙ ۽ نئين اسڪيمن لاءِ برساتي ٻوڏ وقت روڪيل/ منجمد ڪيل  فنڊن مان 208.113 ارب رپيا جاري ڪرڻ ۽ 15لک گهرن سوڌو بحالي رٿائن لاءِ  336 اربن جون رٿائون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪالهه  وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد شاهه جي صدارت ۾  ترقياتي رٿائن ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پلاننگ بورڊ جي چيئرمين حسن نقوي بريفنگ ڏيندي چيو ته اي ڊي پي ۾شامل 4185 هلندڙ اسڪيمن لاءِ بجيٽ ۾ 204.652 ارب رپيا رکيا ويا، جولاءِ کان سيپٽمبر واري ٽه ماهي ۾ 119.649 ارب رپيا جاري ڪيا ويا پر حڪومت اها رقم روڪي ڇڏي هئي. بجيٽ بعد 30 جون 2023ع تائين مڪمل ٿيندڙ 58.345 ارب رپين جي 100 ملين جي لاڳت وارين 1182 اسڪيمن جو جائزو وٺي انهن لاءِ رٿائن لاءِ مڪمل رقم جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي ڪئي وئي هئي،اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 98.831 ارب رپين جي 333 اسڪيمن جا فنڊ ٽن قسطن ۾ جاري ٿيڻا هئا، ساڳئي ريت  95.969 ارب رپين جون 991 اسڪيمون جا فنڊ وري چئن قسطن ۾ جاري ٿيڻا هئا، انهن رٿائن جا فنڊ ٻوڏ صورتحال سبب منجمد ڪيا ويا هئا، اجلاس ۾  وڏي وزير پاليسي فيصلو وٺندي ترقياتي رٿائن جي روڪيل فنڊن مان 204.652 ارب رپيا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن هلندڙ مالي سال دوران 4158 اسڪيمون مڪمل ڪري سگهجن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت برساتي ٻوڏ بحالي وارن مختلف منصوبن تي 336 ارب رپيا خرچ ڪندي، جن ۾ آبپاشي کاتي ذريعي  دريائي بندن جي مضبوطي، آبپاشي ۽ نيڪال(ڊينيج)  جي انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ 48 ارب، هاءِ ويز کاتي هيٺ  روڊن  ۽ پبلڪ هيلٿ جي واٽر سپلاءِ ۽ نيڪال جي  رٿائن لاءِ 22 ارب، ريسڪيو 1122 ايمرجنسي سروس لاءِ 9 ارب، لائيو اسٽاڪ جي بحالي لاءِ 16.9، برسات متاثرن جي 15 لک ڊٺل گهرن جي اڏاوت لاءِ110ارب، برساتن دوران بيروزگار ٿيلن کي روزگار جا موقعا ميسر ڪرڻ لاءِ سنڌ هيومن ڪيپيٽل انويسٽمينٽ پراجيڪٽ لاءِ 294 ارب ۽ ربيع جي پوکي لاءِ آبادگارن کي زرعي ڀاڻ ۽ ٻج تي سبسڊي ڏيڻ  ۽ زراعت جي واڌ ويجهه لاءِ 24.2 ارب رپيا رکيا ويا، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هارين ۽ آبادگارن جو خريف جو فصل برساتن دوران تباهه ٿي ويو آهي، اسان هارين کي تيلي ٻج  ۽ ڪڻڪ جو ٻج ڏيڻ لاءِ 11 ارب رپيا منظور ڪيا آهن، ورلڊ بئنڪ پڻ زرعي انپٽس ( ڀاڻ ۽ ٻج)  لاءِ 100 ملين ڊالر ( 10 ڪرُڙ ڊالر ) جي سبسڊي ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي.اجلاس کي برساتي پاڻي جي نيڪال بابت ٻڌايو ويو ته برساتي پاڻي کي پمپن ۽ قدرتي نالن ذريعي ڪڍيو پيو وڃي. هن مهيني جي آخر تائين ( 30 نومبر) زمينون صاف ٿي وينديون، جتي ربيع جي فصلن جي پوکي ٿي سگهندي