ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) خوراڪ کاتي جي اختيارين جو ڪڻڪ خريداري جو رڳو 10 کان 18 سيڪڙو ٽارگيٽ حاصل ڪندڙ 4 ضلعن جي ڊي ايف سيز کان سخت پڇاڻو، جيڪب آباد، ڪشمور، بدين ۽ ميرپورخاص ضلعا ڪڻڪ خريداري ۾ ٻين ضلعن کان پوئتي رهجي ويا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ ڪڻڪ خريداري واري معاملي تي هن سال به مختلف ضلعن ۾ ڊي ايف سيز پاران ٽارگيٽ کان تمام گهٽ خريداري ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري اٽي جي بحران جو خدشو برقرار آهي، ذريعن موجب بدين ضلعي لاءِ ڪڻڪ خريداري جو 10 هزار ٽن هدف مقرر ڪيو ويو هو پر اتي هن وقت تائين رڳو 1067 ٽن ( 10 سيڪڙو ) ڪڻڪ خريد ٿي سگهي آهي، ساڳئي ريت ميرپورخاص ضلعي لاءِ 30 هزار ٽن  جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو پر اتي به 3207 ٽن ( 10 سيڪڙو ) ڪڻڪ خريد ٿي سگھي آهي، اهڙي طرح جيڪب آباد ضلعي لاءِ 50 هزار ٽن  جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو هو، انهي  ضلعي ۾ 9482 ٽن   (18سيڪڙو) ڪڻڪ خريد ٿي سگهي، جڏھن ته ڪشمور ضلعي لاءِ 85 هزار ٽن  جو ٽارگيٽ هوندي رڳو 15 هزار 373 ٽن ( 18 سيڪڙو ) ڪڻڪ خريد ٿي سگهي آهي،ان حوالي سان خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران ڄاڻايل 4 ئي ضلعن جي ڊي ايف سيز جي ڪارڪردگي ناقص قرار ڏيندي کين سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ هر صورت ۾ مڪمل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان گڏ  ايندڙ سال جي خريداري واري عمل ۾ کين سائيڊ لائين ( ڪنڊائتو ) ڪيو ويندو.