ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي يونيورسٽين جي شاگردن کي سنڌ هيڪ پاران 4 ڪروڙن جي اسڪالرشپ ڏني ويندي. اها اسڪالرشپ هلندڙ مالي سال ۾ سرڪاري يونيورسٽين سان لاڳاپيل بي ايس/ايم ايس/ايم فل/ پي ايڇ ڊي جي شاگردن ۽ خانگي يونيورسٽين جي ايم ايس/ايم فل/پي ايڇ ڊي جي شاگردن ۾ ميرٽ ۽ ضرورت جي بنياد تي ورهائي ويندي. ڪالهه سنڌ هيڪ بابت اجلاس ۾ هن چيو ته سنڌ جي 5 يونيورسٽين شيخ اياز، بيگم نصرت ڀٽو، بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، گورنمنٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۽ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ليبارٽريون قائم ڪرڻ لاءِ 25 ملين رپيا ڏيون پيا، مراد علي شاهه 26 تحقيقي منصوبن لاءِ يونيورسٽين جي فيڪلٽي ميمبرن ۾ 45.7 ملين رپيا ورهايا، وڏي وزير چيو ته يونيورسٽين ۾ سمارٽ ڪلاسن جي سکيا جو جديد تصور مليو آهي، هتي اي لرننگ ۽ آن لائين تعليم جي ضرورت آهي. هيڪ چيئرمين ڊاڪٽر عاصم چيو ته سنڌ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين ۾ سمارٽ ڪلاس رومز جي قيام لاءِ فنڊ ڏبا، پهرين مرحلي ۾ شيخ اياز، بيگم نصرت ڀٽو، شھيد يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي، گورنمينٽ ڪاليج سنڌ حيدرآباد ۽ شهيد الله بخش سومرو آرٽس ورسٽي 21 ملين رپيا ڏبا .