ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت پاران مختلف کاتن جي ڪامورن کي 18هين ۽ 19هين  گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ جو فيصلو، چيف سيڪريٽري پاران سليڪشن بورڊ ٽو جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو. چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ بورڊ آف روينيو جو سينيئر ميمبر ۽ لاڳاپيل سيڪريٽري شرڪت ڪندا،  اڄوڪي اجلاس ۾ ايڪس پي سي ايس گروپ جي ڪامورن کي 18هين ۽ 19هين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري ڏني ويندي، جڏهن ته تعليم، صحت،  ورڪس ، پبلڪ هيلٿ، ماحوليات، زراعت، اطلاعات، ناڻي، قانون، گهرو مامرا ، آبپاشي، بهبود آبادي، پلاننگ، معذورن جي ڀلائي سميت 15 کاتن جا ڪامورا ترقيون ماڻيندا.