سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جاري

0
166
سنڌ جي 14 ضلعن ۾

ڪراچي: سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جاري، 5 هزار 331 سيٽن تي 21 هزار 298 اُميدوارن ۾ مقابلو، صبح 8 وڳي شروع ٿيل پولنگ جو عمل بنا ساهيءَ جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندو،  ضلعي ڪائونسلز جي جي 794 سيٽن مان 107 تي اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا آھن

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بدنظمي ۽ بدانتظامي جي واقعن سبب پولنگ عمل متاثر، قبو سعيد خان جي يوسي بگو دڙو ۾ بيلٽ پيپرز جي غلط ڇپائي سبب پولنگ شروع نه ٿي سگھيسنڌ جي 14 ضلعن ۾

 دوڙ جي يوسي سومر خان جمالي ۾ بيلٽ پيپرز جي غلط ڇپائي سبب ووٽرز ۽ اُميدوار پريشان، سنڌڙي جي يوسي اسماعيل ڪُنڀار جي پولنگ اسٽيشن تي ووٽر لسٽون دير سان پهچڻ سبب ووٽنگ دير جو شڪار ٿي

 پڪا چانگ جي ٻن يوسيز ڪرونڊي ۽ يوسي 10 تي ووٽرز جا نالا گُم، نئون ڪوٽ جي وارڊ نمبر 4 ۾ بيلٽ پيپرز تي اُميدوارن جا چونڊ نشان غلط ڇَپجڻ جي نتيجي ۾ چونڊ عمل شروع نه ٿيو، نواب شاهه ۾ چونڊ نشان غلط ڇپجڻ تي آزاد اُميدوار پاران حامين سوڌو احتجاج ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ دوران جهيڙن جا واقعا