ڪراچي(رپورٽ: سترام مهيشوري) سنڌ سرڪار بورڊ آف روينيو جي ماتحت ڪم ڪندڙ پرڳڻي جي 136 اسسٽنٽ ڪمشنرن کي نيون هاءِ لڪس (ڊبل ڪيبن گاڏيون) ڏيڻ جو فيصلو  ڪيو آهي، ان حوالي سان ايندڙ مالي سال 2022_23 جي بجيٽ ۾ 95 ڪروڙ 91 لک 31 هزار رپيا پڻ رکيا ويا آهن، جن مان 136 نيون ڊبل ڪيبن گاڏيون خريد ڪيون وينديون، بجيٽ بوڪ  ۾ هڪ ڊبل ڪيبن گاڏي جي قيمت 59 لک 20 هزار رپيا ڄاڻائي وئي آهي، ٻئي طرف مارڪيٽ جي ذريعن موجب ڊالر ۾ آيل واڌ کانپوءِ  2985 سي سي وارين ڊبل ڪيبن گاڏين جي اگھه ۾ 2 کان 3 لک رپين جي واڌ اچي وئي آهي،  اهڙي صورت ۾ سنڌ سرڪار کي اسسٽنٽ ڪمشنرن جي گاڏين لاءِ رکيل رقم تي نظرثاني ڪري اضافو ڪرڻو پوندو، جنهن بعد اها رقم هڪ ارب رپين کان وڌي ويندي، ٻئي طرف پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ مختلف اڳواڻن جو چوڻ هو ته هڪ پاسي سرڪار ڪامورن ۽ سياستدانن جي پيٽرول ڪوٽا ۾ 40 سيڪڙو ڪٽوتي جا اعلان ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي وري تعلقي سطح تي مقرر اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ڊبل ڪيبن گاڏيون خريد ڪري ڏنيون پيون وڃن، جيڪي عام گاڏي جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو پيٽرول واپرائين ٿيون، جنهن جو اڳتي هلي صوبائي خزاني تي بار پوندو.