سکر (بيورو رپورٽ) ڊي آءِ جي سکر سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي ڪاميابي لاءِ فوج سان گڏ جوائنٽ آپريشن جي تجويز پيش ڪري ڇڏي. آپريشن کان اڳ ڌاڙيلن کي پنهنجي ۽ علائقي واسين جي زندگي بچائڻ جو به موقعو آهي، جيڪو هٿيار ڦٽا ڪندو ان کي قانوني مدد فراهم ڪئي ويندي. ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته شڪارپور، گھوٽڪي، ڪشمور ۽ سکر ضلعن جي ڪچي وارن علائقن ۾  ڀنگ لاءِ اغوا،  قتل، ڦر، ڌاڙن جھڙن سنگين ڏوھن ۾ ملوث ڏوھارين خلاف آپريشن ڪيو ويندو. آپريشن لاءِ  جديد بڪتربند گاڏيون به  پھچي ويون آهن. جڏهن ته جديد هٿيارن جي خريداري وارو سلسلو به جاري آهي. هن چيو ته چيو ته ننڍي پئماني تي ڪيل آپريشن ۾ پڻ وڏيون ڪاميابيون مليون آهن. آپريشن دوران 8 پوليس جا جوان شھيد ٿيا ۽ بدلي ۾ پوليس  60 کان 70 سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ گهربل ڏوهارين کي ماريو آهي. ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي بالا اختيارين کان اپيل ڪندي چيو ته هن ڀيري ڌاڙيلن خلاف ڪچي وارن علائقن ۾ آپريشن لاءِ پاڪستان ايئرفورس، نيوي ۽ پاڪ فوج جي مدد سان جوائنٽ آپريشن ڪيو وڃي ته جيئن فضائي، ڌريائي ۽ زميني رستن کان ڌاڙيلن کي گهيري هميشه لاءِ ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته  جيڪڏهن ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا ته کين قانوني مدد فراهم ڪئي ويندي.