ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا، ريفرنس ۾ شريڪ جوابدار گلزار پرڏيهه وڃڻ جي اجازت لاءِ درخواست داخل ڪندي چيو ته ٽريڊ اٿارٽي پاران ڏکڻ آفريڪا ۾ لڳندڙ نمائش ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي، کيس  پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، عدالت گلزار کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيندي 5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني  چيو ته آئون  اڪيلو سياسي ڪارڪن آهي، جيڪو ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي، چئن سالن کان عدالتن جا چڪر هڻندو رهيو آهيان، هر پيشي تي اچان ٿو ۽ تاريخ وٺان ٿو  ڪڏهن جج نه هوندو آهي، ڪڏهن ڪو ٻيو مسئلو هوندو آهي، نيب قانون ۾ ترميم باوجود مونکي گهليو پيو وڃي، احتساب عدالت ۾ ته 11 مهينن کان جج ناهي، منهنجو ڏوهه اهو آهي ته منهنجو ڊوميسائل سنڌ جو آهي آغا سراج دراني چيو ته لانگ مارچ ڪرڻ عمران خان جو حق آهي،