سنڌ جي پاڻي جي مالڪي ڪير ڪندو؟

0
143
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ سان هونئن کوڙ زيادتيون،بي واجبيون ۽ ناانصافيون ٿينديون رهن ٿيون پر جيڪا ڪار پاڻي جي معاملي تي سنڌ سان ٿي رهي آهي اهو نقصان  ڪيتري وقت کان سنڌ ڀوڳي رهي آهي. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پوورو پاڻي ملڻ ته ٿيو پري جي ڳالهه پر جيڪو پاڻي ملي رهيو آهي ان تي به ڌاڙا ۽ کاٽ لڳندا رهن ٿا .جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو   زراعت لاءِ پاڻي ملڻ جون شڪايتون ڪندڙ سنڌ ڪٿي ڪٿي پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آهي.  سنڌو درياءَ جو مالڪ صوبو هن وقت به کارو ۽ زهر مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي ، جنهن ڪري اڪثر سنڌ جا رهواسي هيپاٽائيٽس جي بيمار ۾ مبتلا آهن پر پوءِ به سنڌ جي پاڻي جي چوري بند نه ٿي ٿئي.

جڏهن کان سنڌو درياءَ تي ڊيم ۽ ڪينال ٺهيا آهن تڏهن کان سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي پر پوءِ به سنڌ سان پاڻي جي معاملي تي انصاف ڪرڻ بدران اڃان نوان ڊيم ٺاهڻ ۽ ڪينال ڪڍڻ جو ڪوششون جاري آهن. ڪڏهن ڪڏهن سنڌ حڪومت انهي معاملي تي ڪجهه مخالفت ۾ چپ چوري ڄڻ ته پنهنجي ذميواري پوري ڪري ٿي پر  انهن چوري ۽ ڌاڙي کي مڪمل روڪرائڻ لاءِ ڪي سنجيده ڪوشسون نه ٿي ڪري.ڪالهه به پنهنجي اخبار جي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيئن نه سنڌ لاءِ ڇڏيل پاڻي مان 50 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي وچان ئي وچان گم ٿي ويو آهي پر ان جي نه سنڌ حڪومت جاچ لڌي آهي نه ئي ارسا اهو ٻڌائي سگهي آهي ته سنڌ جو اهو پاڻي ڪٿان،ڪيئن ۽ ڇو چوري ٿي ويو.

 “پنهنجي اخبار” پاران گڏ ڪيل انگن اکرن موجب 12 هين جنوريءَ تي پنجند وٽان پاڻي وهڪرن ۾ واڌ شروع ٿي هئي ۽ بندي سبب سمورو پاڻي سنڌوءَ ۾ ڇڏڻ شروع ڪيو ويو هو. تيرهين جنوريءَ جي انگن اکرن موجب پنجند وٽان سنڌ ڏانهن 40311 ڪيوسڪ ۽ تونسا بيراج وٽان 23387 ڪيوسڪس پاڻي ڇڏيو ويو. اهو پاڻي مجموعي طور 63698 ڪيوسڪ هو. 14 جنوريءَ تي ٻنهي هنڌن تان آيل پاڻي وڌي 97018 ڪيوسڪ ٿي ويو، جنهن مان 73631 ڪيوسڪ پاڻي پنجند مان ٿي آيو. 16 جنوريءَ تي پنجند وٽان پاڻي وڌي 85205 ڪيوسڪ ٿي ويو. اهڙا انگ اکر هيڊ ورڪس تان جاري ٿيا ۽ تونسا مان به 27202 ڪيوسڪ پاڻي ٿي ويو ۽ مجموعي طور 112407 ڪيوسڪ سنڌ ڏانهن پاڻي روانو ٿيو پر 20 جنوريءَ تائين به پنجند وٽان 48211 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيل ڄاڻايو ويو ۽ تونسا وٽان گهٽ ٿي 15441 ڪيوسڪ ٿي ويو. جيڪڏهن پاڻيءَ جي سفر جو ڪاٿو اٺ ڏينهن يا نو ڏينهن به لڳائجي ته به گڊو وٽ پاڻي ان دوران رڳو 30 هزار کان 40 هزار ڪيوسڪ رهيو ۽ رستي ۾ لاسز ڪڍي به 50 هزار ڪيوسڪس کان مٿي پاڻي سنڌ ۾ نه پهتو. گڊوءَ وٽ رڳو هڪ ڏينهن ويهين جنوريءَ تي 40200 ڪيوسڪ پاڻي ٿيو هو. 21 جنوريءَ تي لهي 38614 ڪيوسڪ، 22 جنوريءَ تي اڃان لهي 33660 ڪيوسڪ ۽ ان ڏينهن به پنجنند وٽان ڇڏيل پاڻي 31268 ڪيوسڪ هو. 25 جنوريءَ تي گڊو وٽ وڌيڪ لاٿ ٿي 27578 ڪيوسڪ پاڻي ٿي ويو. جيڪو ٻه ڏينهناڳ تائين لاٿ کائي گڊو بيراج رڳو 23903 ڪيوسڪ پاڻي ريڪارڊ ڪيو ويو. پر ان دوران سنڌ جو آبپاشي کاتو ستل ئي آهي ۽ ان پاران ڏيڍ سو سيڪڙو تائين پاڻي نه پهچڻ جي ڪا جاچ ناهي ڪرائي ته اهو پاڻي رستي ۾ چوري ٿيو آهي يا انگ اکر غلط ڏنا ويا آهن.سنڌ جي پاڻي جي اها چوري ڪا پهريون دفعو نه ٿي آهي پر اڄ تائين نه ان چوري جو ازالو ٿو ٿئي ۽ نه ئي اها چوري بند ٿي ٿئي.جڏهن ته 91 ع جي ٺاهه تي عمل نه ڪرڻ جي ناانصافي واري ڪهاڻي ته اڃان الڳ آهي .

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ سان پاڻي جي معاملي تي جتي پنجاب ۽ ارسا ذميوار آهن اتي سنڌ حڪومت جي خاموشي ۽ ماٺ جو به اوترو ئي قصور آهي جنهن ڪري ڀوڳي سنڌ جو عام آبادگار ۽ هاري ٿو جيڪو پنهنجي فصل لاءِ پاڻي نه ملڻ ڪري هر وقت احتجاج ۾ رهي ٿو .تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي پنهنجي صوبي جي پاڻي جي مالڪي لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي ۽ اها چوري روڪرائڻ لاءِ ارسا ۽ وفاق سان ڳالهائڻ گهرجي.