سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) پ پ جي صوبائي وزيرن اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ختم نه ٿي ته اهي سنڌ پنجاب دنگ تي ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هڻندا. اهڙو اظهار اطلاعات جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ آبپاشي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال ڪالهه سکر بيراج وٽ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو آهي. ناصر حسين شاهه پريس ڪانفرس دوارن اظهار ڪندي چيو ته وفاق ۽ پنجاب حڪومتن سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ناهي ڏنو، جنهن ڪري سنڌ جي زرعي معيشيت تباهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه مليو ته پوءِ پ پ سنڌ پنجاب دنگ تي چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ اهڙو تاريخي ڌرڻو هڻندي جهڙو محترمه شهيد بي نظير ڀٽو ڪالاباغ ڊيم جي خلاف هنيو هو. گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ٻنهي وزيرن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پنجاهه سيڪڙو کوٽ ٿي وئي آهي. ڪوٽڙي وٽان ڊائون اسٽريم ۾ ڪوٽڙي شهر لاءِ مشڪل سان پاڻي فراهم ڪيون ٿا. سکر کان ڪوٽڙي وچ ۾ پاڻي کوٽ سبب رڳو واري ٿي اڏامي. اسان مجبوري ۾ عيد جي ٽئين ڏينهن تي اهڙي زيادتي خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي آهي. اسان ته ڪوشش ڪري بلوچستان کي ان جي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو آهي پر وفاق ۽ پنجاب ڏاڍائي ڪري سنڌ کي حصي جو پورو پاڻي نه ٿا ڏين. ان موقعي تي آبپاشي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو ته پنجاب حڪومت سنڌ سان زيادتي ڪئي آهي انهن اسان جو پاڻي زوري ٽي پي ڪئنال ۾ وهايو آهي ۽ گڏوگڏ اعتراضن باوجود هنن سي جي کي به کوليو آهي. جڏهن ته پاڻي جي فراهمي زوري ٽه رخي فارمولي تي ڪئي وئي آهي اسان کين مسلسل خط به لکيا آهن. هن چيو ته اهڙي صورت ۾ اسان ڌرڻو هڻي سگهون ٿا، ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ساريالي فصل کي پهرين جون کان اڳ پاڻي فراهم ڪرڻ مشڪل آهي ٻيو ته ٺهيو وونئڻن لاءِ به پورو پاڻي ناهي پر اسان ملڪ لاءِ اوليت وونئڻ جي فصل کي ڏيون ٿا جو ان جي ملڪي معيشيت ۾ اهميت آ، هن چيو ته ارسا جو ڪم رڳو پاڻي ورهائڻ آهي پر انهن زوري اجلاس مان سنڌ جي نمائندي کي اٿاري ڇڏيو. هن چيو ته واپڊا کي تربيلا ڊيم وارو ڪم جنوري فيبروري ۾ پورو ڪرڻو هو ۽ ڪافر ڊيم واري پليٽ ڪڍڻي هئي، پر انهن اهو نه ڪيو ۽ اڄ سنڌ سان پاڻي جو مسئلو ٿيو آهي. ٻنهي وزيرن عيد جي موقعي تي ڪشيمرين ۽ فلسطينن لاءِ عيد جي موقعي تي پارٽي ۽ حڪومت طرفان يڪجهتي جو پڻ اعلان ڪيو.