سنڌ جي ٽيم نيشنل ٽي-20 مان آئوٽ

0
200

لاهور(اسپورٽس نيوز) نيشنل ڪرڪيٽ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ سينٽرل پنجاب سنڌ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ سينٽرل پنجاب ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، سنڌ جي ٽيم جَي اوپنر خرم منظور 34 ۽ شرجيل خان 32 رنز ٺاهيون. سنڌ جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 141رنز ٺاهي سگهي، سهيل خان 21، مير حمزه 19 ۽ رومان رئيس 14 رنز ٺاهي سگهيا.سينٽرل پنجاب هدف 17.5 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو، قاسم اڪرم پليئر آف دي ميچ قرار رهيو.