اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه چيو آهي ته هڪ جج طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي وقار تي سوالن سان مايوسي ٿي. سپريم ڪورٽ ۾ 5 ججن جي مقرري جي حوالي سان جڊيشل ڪميشن جي اجلاس جي معاملي تي جسٽس سجاد علي شاهه به چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي خط لکي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ جڊيشل ڪميشن جي اجلاس جي معاملي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس سردار طارق مسعود چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکيا هئا، جڏهن ته اٽارني جنرل اشتر اوصاف به هڪ خط لکي ججن جي مقرري جي معاملي ۾ شفافيت آڻڻ جي درخواست ڪئي هئي. جسٽس سجاد علي شاهه خط ۾ لکيو آهي ته هڪ جج جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي وقار تي سوالن سان مايوسي ٿي، جج جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ سنڌ مان ٻن وڪيلن جي راءِ تي ڀاڙي ججن جي ڪردار تي سوال اٿاريو. هن خط ۾ وڌيڪ لکيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن شفيق صديقي ۽ حسن اظهر رضوي جي ڪردار تي وڪيلن جي نمائندگي اختر حسين سينارٽي کانسواءِ ڪو اعتراض نه ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا ٻه اڳوڻا چيف جسٽس هن وقت جڊيشل ڪميشن جا ميمبر آهن. جسٽس سجاد علي شاهه چيف جسٽس کي لکيل خط ۾ چيو ته جڊيشل ڪميشن ميمبرن کانسواءِ ٻه موجوده جج به سنڌ هاءِ ڪورٽ مان آهن، ججن جي ڪردار بابت سوال انهن ججن کان پڇي سگهجن پيا.