سنڌ جي يونيورسٽين کي “جنگي ڪئمپ” نه بڻايو

0
259
هاڻي ‘ڏکين فيصلن’ جو رينگٽ بند ڪرڻو پوندو

سنڌ جي اعليٰ تعليم جا ادارا بدخواهه قوتن جي نشاني تي رهندا آيا آهن، ڪڏهن مادر علمين تي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان هلان ڪئي ويندي آهي ته ڪڏهن تعليم جا در بند ڪرڻ لاءِ نوان بهانا ڳوليا ويندا آهن. ڪو وقت هو، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ، “بند يونيورسٽي” جي سڃاڻپ جوڙي ورتي هئي، پر پوءِ جڏهن سماج جي سمورن ساڃهه وند پرتن، سياسي ڌرين، سول سوسائٽي ذميواري محسوس ڪئي ته، انهن جي ڪوششن سان بهتريءَ ڏانهن وک وڌڻ لڳي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعارف جو حوالو ماضيءَ جي ڪٻاڙخاني جي حوالي ٿي ويو پر سنڌ جي اعليٰ تعليم سان وڏو وير اهو رکيو ويو جو ان بدامنيءَ کي جواز بنائي مادر علمي کي “فتح” ڪيو ويو، ۽ هاڻي ته هيءَ يونيورسٽي مستقل طور تي خوف جي ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل رهي ٿي. ڪڏهن تلاشيءَ جي بهاني سان هاسٽلن تي چڙهائي ته ڪڏهن شاگردن تي دهشتگردي ۽ بغاوت جا ڪيس! يونيورسٽي انتظاميا جو رويو به انتهائي حيرت جوڳو آهي، جنهن يونيورسٽيءَ ۾ آزاد ۽ تعليم دوست ماحول جوڙڻ لاءِ ڪا به وک نه کنئي آهي. شاگردن جا هزارين مسئلا آهن، ميس، لائبريري، پيئڻ جي پاڻيءَ جا مسئلا حل نه ڪري سگهندڙ يونيورسٽي انتظاميا هراس جو ماحول جوڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي. ان ماحول ۾ عافيت ان ڪري سمجهي وڃي ٿي ته جيئن انتظاميا هر پڇاڻي کان بچيل هجي.

يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سانت ۽ سڪون جو سڻائو واءُ تڏهن گهُلندو، جڏهن شاگرد يونين جي بحالي ٿيندي. هڪ پاسي جمهوريت پسنديءَ جي دعويٰ ته ڪئي وڃي ٿي پر ٻئي پاسي شاگرد يونين جي بحاليءَ جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي يا وري صرف اعلانن ۽ بيانن جي حد تائين، صرف پاڻ کي لبرل ڳڻائڻ لاءِ ان جي حمايت ڪئي وڃي ٿي. 1983ع واري جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ (ايم آر ڊي) کانپوءِ آمر ضياءَ تي جيڪو خوف طاري ٿيو، ان تحت هن جيڪي قدم کنيا، انهن ۾ هڪ ته شاگرد يونين تي پابندي ۽ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل ۽ شهرن ۾ دهشتگرد پيدا ڪرڻ هو. جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ 1984ع ۾ شاگرد يونين تي پابندي وڌي وئي، جيڪا لڳ ڀڳ 40 سالن کان برقرار آهي. حڪومت عدالت عظميٰ جي هڪ پراڻي حڪمنامي پٺيان لڪندي رهي آهي. وفاقي حڪومت، جنهن ۾ جمهوريت لاءِ گهڻيون قربانيون ڏيندڙ پ پ پ به شامل ۽ حصيدار آهي، اها ان حوالي سان عدالت ۾ “نظرثاني اپيل” داخل ڪرائي سگهي ٿي، پر ائين نٿو ڪيو وڃي، جنهن مان هن اهم معاملي ڏانهن سرڪار جي سنجيدگيءَ جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. هن وقت اعليٰ تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون بليڪ ميلنگ ۽ هراسمينٽ جا ڳڙهه بڻيل آهن. شاگردياڻيون استادن جي بليڪ ميلنگ جو نشانو بڻجن ٿيون، شاگردن کان في ته ورتي وڃي ٿي پر انهن کي نه سهولتون ميسر آهن ۽ نه ئي تعليم دوست ماحول ميسر آهي. انتظاميا کان ڪو به پڇاڻو ڪونهي، پر شاگرد يونين “چيڪ اينڊ بيلنس” جو ذريعو رهيون آهن. شاگرد يونين بحال ٿيڻ سان نه صرف تعليمي معيار ۾ بهتري ايندي، پر تعليم لاءِ بهتر توڙي پرامن ماحول ميسر ٿي سگهندو. شاگرد سماج جو باشعور پرت آهن. اهي شاگرد يونينون ئي آهن، جيڪي قومي سياست کي تربيت يافته ۽ نظرياتي ليڊرشپ مهيا ڪن ٿيون. گل محمد جکراڻيءَ کان رضا ربانيءَ تائين شاگرد يونين جا اڳواڻ قومي سياست جي مک ڌارا ۾ آيا. صرف اهوئي نه، تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين صحتمند نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

هڪ آمر جي وڌل پابنديءَ کي چار ڏهاڪا گذرڻ باوجود ختم نه ڪري سگهڻ ڪهڙي سنجيدگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، شاگرد يونين جي بحاليءَ لاءِ اعلانن کان اڳتي وڌي عملي قدم کنيا وڃن ۽ جمهوريت پسنديءَ وارين دعوائن جو ڀرم رکيو وڃي. قانوني رڪاوٽون دور ڪرڻ لاءِ عدالت عظميٰ ۾ رويو پٽيشن جي ضرورت پوي ته اها پڻ وفاقي حڪومت طرفان داخل ٿيڻ گهرجي. پ پ پ به وفاقي حڪومت جو حصو آهي، ان ڪري ان حوالي سان پ پ پ تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي.