ايڪتا جو قومي ڏينھن: سنڌو سان ملاقات لاءِ سنڌ رستن تي اُٿلي پئي

0
416

ڪراچي (نمائندن وٽان) ايڪتا جي قومي ڏينھن تي سنڌوءَ سان ملاقات لاءِ سنڌ رستن تي اُٿلي پئي آھي، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي سموري سنڌ ايڪتا جي لڙي ۾ پوئجي وئي، “سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو ” سري هيٺ ايڪتا عيد جي موقعي تي ننڍن وڏن شهر ۽ وستي واهڻ ۾ سنڌي ثقافت جا انڊلٺي رنگ جرڪي پيا

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، دادو، خيرپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٺي، ٿرپارڪر، ننگرپارڪر، ٺٽو، نوابشاھ، بدين سوڌو سڄي سنڌ ۾ سنڌ واسي ايڪتا جو ڏھاڙو ملھائي رھيا آھن

 ٽنڊو باگو ۾ صبح سوير ڪبوتر اڏاري ايڪتا جي سِج جي آجيان، ڪنڌڪوٽ ۾ ڪشمور روڊ کان نڪتل شاندار ريلي طرفان مختلف علائقن جو گشت، ٽوپي ۽ اجرڪ پهريل ڪنڌڪوٽ واسي قومي گيتن جي جهونگار تي جهومي اُٿيا

 مٽياري ۾ جي ايم چوڪ کان نڪتل ريلي ۾ ٻارن سوڌو وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت، ٽوپي ۽ اجرڪ پهريل ماڻهن طرفان شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪيو ويو

 نواب شاهه ۾ ايڪتا ريلي دوران صوفي فنڪارن جون پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي جهمريون، بدين ۾ 50 فُٽ ڊگهو اجرڪ ڦڙڪائي ايڪتا عيد جي مٺائي ورهائي وئي، پنو عاقل ۾ 200 فُٽ ڊگهي اجرڪ سان ريلي ڪڍي وئي، جلال ڳوٺ کان سلطانپور تائين ريلي ۾ قومي گيتن تي جهمريون، ٽائيم نيوز جي سٿ طرفان سنڌ واسين کي ايڪتا عيد جون واڌايون

ڪراچي ۾ ٽائيم نيوز جي مک ايڪتا تقريب کي پوليس پاران روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ٽائيم نيوز جي اسٽيج ڏانهن ايندڙ داخلي رستي کي سيل ڪيو ويو، پوليس پاران اين او سي باوجود ٽائيم نيوز جي ٽيم کي اسٽيج جو ڪم روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي، امريڪا به ثقافتي رنگن ۾رنگجي ويو، ٽائيم اسڪوائر  تي رهندڙ سنڌين پاران ايڪتا ريلي، ٽوپيون ۽ اجرڪ پائي گيتن تي جهمريون ھنيون ويون

ھي به پڙھندا

بدين ۾ 50 ميٽر ڊگھو اجرڪ وارو جھنڊو ڦڙڪائي ڌرتي سان محبت جو اظهار