ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) پرائيويٽ نرسنگ انسٽيٽيوٽ ۾ سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن جا ڊوميسائل رکندڙ شاگردن جي داخلا تي پابندي لڳائڻ واري سنڌ حڪومت جي فيصلي کي آل پاڪستان نرسنگ ايسوسيئيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذارن جي وڪيل وسيم اختر جو چوڻ ھو  ته قانوني طور تي ملڪ جو ڪوبه شهري ڪنهن به صوبي ۾ تعليم حاصل ڪري سگهي ٿو، ڊوميسائيل جو شرط لاڳو ڪري ڪنهن کي تعليم کان پري رکڻ ظلم آهي، جنھن تي چيف جسٽس  رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي ڪا سرحد ناهي هوندي، ايمرجنسي ۾ جيڪڏهن ضرورت پوي ته ڪيوبا مان به ڊاڪٽر گهرائي سگهجن ٿا پر صوبائي حڪومت جي اختيار کي عدالت ڪهڙي طرح روڪي سگهي ٿي؟ جنھن تي وڪيل چيو ته سنڌ ۾ ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل جي کوٽ آهي، ٻوڏ دوران صوبائي حڪومت پنجاب مان ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل کي گهرايو،  جڏھن ته ٻين صوبن جي ڊوميسائل رکندڙ شاگردن کي هتي داخلا جي اجازت ڏئي وڃي، عدالت درخواستگذار کي درخواست ٻڌڻ جوڳي هُجڻ يا نه ھجڻ بابت مطمئن ڪرڻ جِي هدايت ڪندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.