سنڌ جي مڪاني چونڊن ۾ ادارن جي دلچسپي نه هئي، سنڌ ۾ به ڪجهه ڪٺ پُتلي سياستدان پريشان ٿي ويا: بلاول ڀٽو زرداري

0
314
سنڌ جي مڪاني چونڊن

اسلام آباد:قومي اسيمبلي ۾ مالياتي بل جي شق وار منظوري دوران پگهاردار طبقي لاءِ اهم ترميمون منظور ڪيون ويون آھن، ماهوار 50 هزار رُپين تائين پگهار کڻندڙ تئڪس کان آجا قرار ڏنا ويا آھن

 50 کان هڪ لک رُپين تائين ماهوار پگهار کڻندڙ تي اڍائي سيڪڙو ٽئڪس لڳايو ويندو، ماهوار هڪ کان 2 لک رُپيا پگهار کڻندڙ تي ساليانو 15 هزار رُپيا فِڪس ٽئڪس لڳايو ويندو

 ترميمن تحت ماهوار 2 کان 3 لک رُپيا پگهار کڻندڙ تي ساليانو هڪ لک 65 هزار ٽئڪس لڳايو ويندو، ماهوار 5 کان 10 لک رُپيا پگهار کڻندڙ تي ساليانو فڪس ٽئڪس 10 لک رُپيا لڳائڻ جي به منظوري ڏني وئي آھي

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي پ پ چيئرمين ۽ پرڏيھي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ  سنڌ جي مڪاني چونڊن ۾ ادارن جي دلچسپي نه هئي، سندن غير سياسي ٿيڻ تي سنڌ ۾ به ڪجهه ڪٺ پُتلي سياستدان پريشان ٿي ويا

مخالفن جو روئڻ پٽڻ مڪاني چونڊن جي ٻئين مرحلي تائين جاري رهندو، اُن ۾ به مخالفن جون ضمانتون ضبط ٿي وينديون، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان مهم هلائي رهيو آهي ته ادارا نيوٽرل نه رهن

 پي ٽي آءِ جيان سنڌ ۾ به ڪجهه پارٽيز ۽ ماڻهو آمرن جي دور ۾ سامهون ايندا آهن، اُنهن کي به اُميد هئي ته مڪاني چونڊن ۾ ادارا نيوٽرل نه رهندا، چونڊن ۾ سڀني کي ليولڊ پليئِنگ فيلڊ ملي ته پ پ ڪامياب ٿيندي آهي

ھي به پڙھندا

اليڪشن ڪميشن لاڙڪاڻي ۾ پ پ ايم اين اي جي ڌانڌلي وراي وڊيو جو نوٽيس ورتو