سنڌ جي مختلف ميڊيڪل يونيورسٽين جا فارميسي شعبا وقت سر رجسٽرڊ نه ٿيا، سوين شاگرد ڊگرين کان محروم

0
107

سنڌ جي مختلف ميڊيڪل يونيورسٽين

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مختلف ميڊيڪل يونيورسٽين جا فارميسي شعبا پاڪستان فارميسي ڪائونسل مان وقت سر رجسٽرڊ نه ٿيڻ جي ڪري سوين شاگرد ڊگرين کان محروم بڻيل آهن

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جو ڪاليج آف فارميسي، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي جو انسٽيٽوٽ آف فارما سيوٽيڪل سائنسز ۽ پمس نوابشاهه جو انسٽيٽيوٽ آف فارما سيوٽيڪل شعبو وقت سر رجسٽرڊ نه ٿيو جنهن جي ڪري انهن شعبن ۾ پهرين بئنچ طور رجسٽرڊ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فارميسي جون ڊگريون ملي نه سگهيون آهن

ان سلسلي ۾ مختلف يونيورسٽين جي فارميسي شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ماروي، مدثر، حمزه، وسيم، دعا، سدرا ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته کين ڄاڻايل يونيورسٽين جي فارميسي شعبن مان ڊگريون نه پيون ڏنيون وڃن ڇاڪاڻ ته پاڪستان فارميسي ڪائونسل اهي ڊگريون جاري ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن ٻڌايو ته لمس پاران 16-2015ع، جناح ميڊيڪل يونيورسٽي پاران 14-2013ع ۽ 15-2014ع ۽ پمس نوابشاهه پاران 2013ع ۾ فارميسي جي ڪلاسن لاءِ رجسٽريشن ڪئي وئي

 ان وقت جاري ڪيل بروشرز ۾ انهن شعبن جي رجسٽريشن يا اڻ رجسٽريشن جو ڪو به ذڪر ٿيل نه هو. بعد ۾ ٻين بئنچن کي به ڄاڻايل شعبي ۾ داخلائون ڏنيون ويون جن کي ڊگريون ملي چڪيون آهن پر سندن بئنچن کي اڃا تائين ڊگريون نه پيون ڏنيون وڃن جنهن جي ڪري هو سخت پريشان آهن. هنن مطالبو ڪيو ته کين ڊگريون جاري ڪيون وڃن ته جيئن هو پنهنجي نئين پروفيشن جي شروعات ڪري سگهن