سنڌ جي مختلف علائقن ۾  ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات

0
278

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾  ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات،  گرمي جو زور ٽٽي ويو

حيدرآباد، مٽياري، جهنڊو مري،بدين، شهدادپور ٽنڊو ڄام، ملڪاڻي شريف،  پنگريو، ٽنڊو باگو ۽ کورواهه ۾ برسات پئي

مختلف علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي، مواصلاتي نظام درهم برهم، مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان  پوندڙ برسات جو پاڻي رستن تي بيٺل آھي.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شھرن ۾ گٽرن جو پڻ پاڻي رستن تي بيٺل آھي، جنھن سبب برسات پوڻ بعد پاڻي گھڻو ٿي وڃي ٿو ۽ شھرين کي ڏکيائين جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي.