سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ گجگوڙ سان برسات، عام زندگي متاثر

0
381
سنڌ جي مختلف علائقن ۾

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ گجگوڙ سان برسات بعد عام زندگي متاثر ٿي وئي آھي، سکر ۾ برسات بلدياتي ادارن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آھي

سکر شهر جون گهٽيون ۽ رستا برساتي پاڻي جي تلاءُ ۾ تبديل ٿي ويون آھن، مُک بازارن ۾ برساتي پاڻي سبب شهرين کي اچ وڃ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن

 ڪشمور، همايون شريف، قادرپور، روهڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، وقفي وقفي سان بجلي ۽ مواصلاتي نظام به ڊانواڊول ٿي ويو آھي

جيڪب آباد، ٺل ۽ آسپاس ۾ پڻ ڪجھ ڪلاڪن جي برسات بعد رستن تي پاڻي بيھجي ويو آھي، شھرين کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليف اچي رھي آھي، شھرين پاران تدارڪ جي گھر ڪئي وئي آھي