سنڌ جي مختلف علائقن ۾ معصوم ڀاءُ ڀيڻ سوڌو 9 ڄڻا ٻڏي فوت

0
204
ڪراچي: ڪامران چورنگي واري علائقي ۾ گهر مان ماءُ ۽ چئن پٽن جا لاش هٿ
ڪراچي: ڪامران چورنگي واري علائقي ۾ گهر مان ماءُ ۽ چئن پٽن جا لاش هٿ

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ معصوم ڀاءُ ڀيڻ سوڌو 9 ڄڻا ٻڏي فوت، همايون شريف ۾ هڪ ڏينھن دوران 4 ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا،  ڳوٺ محمد عظيم چانڊيو ۾ ڀاءُ ڀيڻ تلاءُ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويا

 فوتين ۾ 7 سالن جي قزبانو ۽ 5 ورهين جو عبدالوهاب چانڊيو  شامل آھن، ڳوٺ محمد عمر کوسو ۾ به وهنجڻ دوران 2 ٻارڙيون ٻڏي فوت ٿي ويون، ڪنول ۽ زرينا کوسو جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام برپا ٿي ويو

 ڪراچي جي علائقي هاڪس بي ۾ 4 ڄڻا سمنڊ ۾ ٻڏي ويا، ايڌي رضاڪارن 2 ڄڻن نهال ۽ سمير جا لاش ڪڍي ورتا، 2 ڄڻن جي ڳولا جاري آھي، ايڌي ذريعن جو چوڻ آهي ته چار نوجوان سمنڊ ۾ وهنجي رهيا هئا ته ٻڏي ويا

ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن دوران سمنڊ ۾ ٻڏي ويلن جو انگ 6 ٿي ويو، دوڙ ڀرسان واهه ۾ پير ترڪڻ سبب نينگر روهت ڪمار ٻڏي فوت ٿي ويو

ھي به پڙھندا

ڪاڇي ۾ برسات بعد تباھي: ڪيترن ئي ڳوٺن جو جوھي ۽ دادو سان زميني رابطو ڪٽيل