سنڌ جي مختلف علائقن ۾ احساس سينٽرز تي ايجنٽ مافيا سرگرم، غريب عورتون پريشان

0
387

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ احساس ڪفالت سينٽرز تي ايجنٽ مافيا سرگرم، مستحق عورتون امداد لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ تي مجبور، ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ باوجود احساس سينٽرز تي ايس او پيز نظرانداز، ڪُنري ۾ مستحقن جي رقم ۾ ڪٽوتي ڪندڙ 3 ايجنٽ گرفتار ٿيڻ بعد احساس سينٽر بند، غريب عورتون گرمي باوجود سينٽر ٻاهران انتظار ڪنديون رهيون، نواز ولي محمد ۾ مستحق عورتن جون ايجنٽس طرفان 2 هزار رُپيا ڪٽوتي خلاف دانهون، عورتن دانهيو آهي ته پئسا نه ڏيندڙ مستحقن کي مختلف بهانا ڪري رُلايو وڃي ٿو، ايجنٽ مافيا خلاف ڪارروائي ڪري مستحقن کي پوري رقم ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.