سنڌ جي مختلف علائقن مان هڪ ڏينهن ۾ 5 لاش هٿ

0
220
سنڌ جي مختلف علائقن مان هڪ ڏينهن ۾ 5 لاش هٿ
سنڌ جي مختلف علائقن مان هڪ ڏينهن ۾ 5 لاش هٿ

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جَي مختلف علائقن مان 5 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن
سٺ ميل شهر مان حب چوڪي واسي نظير بروهي جو لاش هٿ آيو، جنهن کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو
شهدادپور ۾ ڪارخاني جي ٽينڪ مان پورهيت نويد اعواڻ جو لاش هٿ آيو، پوليس ڪارخاني جي ٺيڪيدار اشفاق راجپوت کي گرفتار ڪري ورتو
پير وسڻ ويجهو سم شاخ مان شوڪت اعواڻ نالي شخص جو لاش هٿ آيو، جڏهن ته مرزا پور ڀرسان گم ٿيل نوجوان وزير ڪيهر جو رائيس ڪينال مان لاش مليو
سيوهڻ ويجهو بچاءَ بند وٽ لڙهي ويل آبپاشي ملازم هدايت الله ڪٽوهر جو لاش هٿ آيو آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف شهرن مان ٽن ڄڻن جا لاش هٿ

ٺٽو: ڪوئلي جي کاڻ مان 40 ڪلاڪن بعد ستن پورهيتن جا لاش هٿ

ملير نديءَ ۾ لُڙهي ويل ڪٽنب جي 7 ڀاتين مان 4 ڄڻن جا لاش هٿ

لاڙڪاڻي مان چئن ڄڻن جا لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي