سنڌ جي مختلف شھرن ۾ حادثا: 3 ڄاڃين سوڌو 7 ڄڻا فوت، 25 کان وڌيڪ زخمي

0
266
سنڌ جي مختلف شھرن ۾ حادثا:

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾  روڊ حادثن ۾ نينگر ۽ ٽن ڄاڃين سميت 7ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 29 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آھن

گهوٽڪي ۾ ڄاڃين جي وين ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ مور اوڏ، عديل ۽ بلي خاتون فوت ٿي ويا ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڊکڻ جي مدئجي ناڪي وٽ نوجوان عاطف لولائي ٽريڪٽر تان ڪري چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو سڃاڻپ نه ٿي

ڪنڌڪوٽ ۾ وين ۽  موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪنب ڀرسان علي بحر واهه پل وٽ ڪار ڪلٽي ٿي پئي، ٻن ورهين جو عبدالحنان ٿڏي تي فوت ٿي ويو، ٽن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثا، 11 ڄڻا فوت، 30 کان وڌيڪ زخمي