سنڌ جي مختلف شھرن ۾ تيز برسات: ڪيترائي گھر ڊھي پٽ، واقعا ۽ حادثا

0
606
سنڌ جي مختلف شھرن

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات دوران ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، معصوم ٻارڙي ۽ پيرسن عورت دٻجي فوت، سکر جي مائيڪرو ڪالونيءَ ۾ برسات دوران گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب پيرسن عورت صاحب خاتون دٻجي فوت ٿي وئي ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

سيٺارجا جي ڳوٺ ڇتن شاهه بخاري ۾ برسات دوران گهر ڊهي پيو، 4 مهينن جي ٻارڙي صوبيا دٻجي فوت، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش ملبي مان ٻاهر ڪڍيو

ٽنڊو ڄام ۾ 5 ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، برسات سبب وونئڻ، ڪمند، بصر ۽ ٻئي فصل کي شديد نقصان،  دوڙ ۾ برسات دوران 15 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڪِري پيا، ٽن ٻارن سوڌو 10 ڄڻا زخمي، باڊهه ويجهو واڙي جي ڇِت ڪرڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، 3 مينهون دٻجي مري ويون

سنڌ ۾ گجگوڙ سان جاري برسات ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا

سنڌ ۾ گجگوڙ سان جاري برسات ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، حيدرآباد ۾ گجگوڙ سان برسات سبب عام زندگي مفلوج، هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

قبرستان به برساتي ٻڏي ويا، لاڙڪاڻو ۾ گهر، آفيسز  ۽ اسپتالون پاڻي هيٺ، گجگوڙ سان جاري برسات سبب عام زندگي متاثر، شهدادپور جي مختلف پاڙن، رستن ۽ گهٽين تي پاڻي بيهجي ويو، شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا

ملڪاڻي شريف ۾ برساتي پاڻي فصل ٻوڙي ڇڏيا آھن، 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جو پاڻ ۾ زميني رابطو ڪاٽا ٿيل آھي،

فيض گنج ۾ تيز برسات دوران ڪچا گهر ڊهي پيا، رستا ۽ گهٽيون تلاءُ ۾ تبديل ٿي ويون آھن، ڇاڇري ۾ هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي وياPakistan news: At least 90 dead after heavy monsoon rains across the country including Karachi, Kashmir

ڇاڇري ۾ بازارن ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب ڪاروبار نه کُليو، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، شهدادڪوٽ، عادلپور، ڦل، ڪشمور، جهنڊو مري، مورو، ڏوڪري، محرابپور ۽ ڀريا سٽي ۾ ڪٿي ته ڪٿي تيز وسڪارو جاري آھي

ڪُنري ۾ 22 ڪلاڪن کان جاري برسات سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال

ڪُنري ۾ 22 ڪلاڪن کان جاري برسات سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال، رستا ۽ گهٽيون پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ تبديل ٿي ويا، مارڪيٽس ۽ گهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، رهواسي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا

ڪنري ۾ تيز برسات دوران ڪيترائي ڪچا ڊَهـِي پٽ پئجي ويا، شهر ۾ برسات جي تباهي باوجود انتظاميا متحرڪ نظر نه آئي، ٽنڊو باگو ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آھي

گهرن ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب رهواسي پريشان، ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لڳا، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويا آھن

ھي به پڙھندا

ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ ڪار برساتي وھڪري ۾ لڙھي وئي، زال مڙس ۽ 4 ٻارن سوڌو 7 ڄڻا گم

سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي سميت صوبي ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي