سنڌ جي مختلف شھرن ۾ باھ جا واقعا، 15 کان وڌيڪ گھر سڙي رک

0
232
سنڌ جي مختلف شھرن

سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ پير بخش جروار ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳڻ ڪري ميگھواڙ برادري جا 15 گھر سڙي رک ٿي ويا،  باھھ سبب گھرن ۾ پيل اناج سميت الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو

اطلاع باوجود فائربرگيڊ گاڏي پھتي پر سندس پائپ نھ ھجڻ سبب واپس رواني ٿي وئي، متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن، جن مطالبو ڪيو آھي، الھ تلھ رک ٿي ويو آھي، واھر ڪئي وڃي

ڄام نواز علي: نئون آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ لقاءالله ناريجو ۾  ٻن گھرن  صديق ناريجو ۽ امداد ناريجو جي گهرن کي  باھ لڳڻ سبب  گھرن ۾ پيل سامان ھنڌ بسترا ،روڪ رقم،زيور اناج  سميت اله تله سڙي رک ٿي ويا

  اطلاع باوجود  فائر برگيڊير عملو نه پهتو ، واضح رهي ته پوري ڄام نوازعلي  تعلقي ۾ ايمرجنسي طور ڪابه فائر برگيڊ گاڏي  نه آهي

ڇاڇرو:ڳوٺ پوڇانڊي جو پار ۾ چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب ميگھواڙ برادري جي غريب پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳي وئي، ٽن ڄڻن جوڌومل ميگھواڙ،ڪرمون ۽ ڪيلاش ميگھواڙ جا گهر مڪمل طور سڙي رک ٿي ويا

اطلاع ڏيڻ باوجود مدد لاءِ فائربرگيڊ گاڏي نه پهتي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن