سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ”گو افغاني گو“ ريليز

0
179
سنڌ جي مختلف شهرن

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف ريليز ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن، ڌرتي ڌڻين ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي

 ميرپور خاص ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ گو افغاني گو ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شريڪ ڪارڪنن طرفان نعريبازي ڪئي وئي

لاڙڪاڻو ۾ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن دوران شهرين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 ٽنڊو ڄام، باڊهه، وارهه ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج دوران قومپرست ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي

اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغانين کي نيڪالي ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رهندي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ معصوم ڀاءُ ڀيڻ سوڌو 9 ڄڻا ٻڏي فوت