ڪراچي: ( رپورٽرن وٽان ) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، ڪيترن ئي شهرن ۾ مٽي جي طوفان سبب مواصلاتي نظام ڊانوانڊول ٿي ويو، پنوعاقل، سکر، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، غوثپور، بخشاپور، قادر پور، سرحد، ڪرمپور، بخشاپور، ٺري ميرواهه، ڪنڌرا، لکي غلام شاهه ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪاري سبب موسم وڻندڙ ٿي وئي آهي. برسات بعد ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي. گهوٽڪي، روهڙي، شهدادڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان سبب مواصلاتي نظام ڊانوانڊول ٿي ويو