سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وسڪاري جو نئون سلسلو شروع

0
124

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وسڪاري جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب گرمي جو موسم خوشگوار ٿي وئي آهي

 ڪراچي جي ملير، گلشن حديد، ڪاٺوڙ ۽ ٻين علائقن ۾ برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي آهي

حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي آهي، مٽياري ۾ به طوفاني هوائن سان وسڪارو ٿيو آهي، جڏهن ته  مٽيءَ جي طوفان سبب رستن تي گاڏيون بيهجي ويون

 ٺٽي جي به مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان طوفاني برسات جاري آهي، ضلعي انتظاميا ملاحن کي اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

 ماتلي، ڪڙيو گهنور، کورواهه ۽ ٽنڊو محمد خان،ميرپورخاص، ڀٽ شاهه، هالا، ٿاڻو بولا خان، ڪوٽڙي، جوهي ۽ واهي پانڌي ۾ به برسات جو سلسلو جاري آهي