سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، بجلي بند، موسم خوشگوار

0
211
سنڌ جي مختلف شهرن

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات کانپوءِ موسم خوشگوار بڻجي وئي، جڏهن ته هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو

ٺل، ميرپور ٻرڙو، جونگل، مبارڪپور، باهوکوسو ۽ ڳڙهي حسن جي علائقن ۾ وسڪاري سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو جڏهن ته بجلي جي فراهمي 12 ڪلاڪن کان معطل آهي

ميروخان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل رات کان وٺي هلڪي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، بهار جي مند جي پهرين وسڪاري سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي

مورو شھر ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن نوان جتوئي، ڏيپارجا، پنھل خان مستوئي، سونھري فارم، مناھي ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پوڻ کان موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته ڪڻڪ ۽ انبن جي باغ کي نقصان ٿيڻ سبب آبادگار سخت پريشانين جو شڪار ٿي ويا

ڪوٽ لالوسميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾کوڻ ۽ گجگوڙ ۽ طوفاني هوا سان گڏ  برسات جي وسڪاري  سان تيار ٿيل ڪڻڪ ۽ سرنهن جي فصلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته وسڪاري سبب شھر جي مختلف روڊن رستن سميت هيٺاهيين وارن علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيهجي ويو

فيض گنج ۾َگج گوڙ  ۽ تيز طوفان سان گڏ تيز برسات سبب ڪڻڪ، سرنهن، توريو کي وڏو نقصان پوڻ جو امڪان آهي، روڊن رستن تي برسات جو پاڻي بيٺل هجڻ ڪري شهري سخت ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن

ڀرياروڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن چانھين، منومل، چانھين سھاڳ، ڍينگو شريف، مٺل آباد فتح پور وارن علائقن سميت تيز ھوا ۽ گجڳوڙ سان برسات جاري آهي

ڀرياروڊ ۾ تيز ھوا ۽ گجگوڙ سبب ڀرياروڊ فيڊر جي بجلي بند ٿي وئي، برسات سبب سرنھن سميت ڪڻڪ جي تيار ٿيل فصل کي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي

منهڙو ۽ آس پاس جي علائقن ۾گجگوڙ ۽ تيز هوا سان برسات سبب سرنهن ۽ ڪڻڪ جي فصل کي نقصان جو خدشو آهي، برسات پوڻ سبب بجلي ۽گيس غا ئب ٿي وئي

پڊعيدن ۽ آسپاس جي علائقن ۾ طوفاني ھوا ۽ گجگوڙ سان برسات بعد طوفاني ھوا سبب ڪيترائي  ڇاپرا اُڏري ويا، شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي بجلي بند ٿي وئي، برسات ۽ طوفاني هوائن سبب ڪڻڪ توڙي سرنھن جي تيار فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ سبب آبادگار پريشان ٿي ويا

نواب شاهه ۽ دولتپور صفن ۽ آسپاس ۾ مٽي جي طوفاني تيز ھوا بعد گجگوڙ سان گڏ وڏ ڦڙي سان برسات سبب تيار بيٺل چيٽ جي ڪڻڪ ، توريو ، چڻن، ۽ مٽرن جي فصلن کي نقصان جو خدشو آهي، جڏھن ت برسات پوڻ ڪري بجلي غائب ٿي وئي

ٻانڌي، دريا خان مري نواب ولي محمد ۽ ڀرپاسي ۾تيز هوا سان گڏ برسات پوڻ ڪري تيار ٿيل سرنهن ۽  ڪڻڪ جي فصل کي نقصان جو خدشو آهي، جڏهن ته آبادگار سخت پريشان ٿي ويا آهن ۽  بجلي  علائقي مان غائب ٿي وئي آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي سوڌو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز ۽ هلڪي برسات، ٿڌ ۾ واڌ، بجلي بند