سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سانوڻي جي برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو

0
285
سنڌ جي مختلف شهرن

ڪراچي (نمائيندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات کانپوءِ گرم جو زور ٽٽي ويو، لعلورائنڪ ۽ ڀر پاسي ۾ سانوڻي جو پهريون وسڪارو ٿيو، تيز ڳڙي سان برسات پوڻ سان گرمي جو زور ٽُٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن پوري علائقي ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، ٻئي پاسي پکو ۽ ڀرپاسي ۾ ڳڙئي سان برسات پوڻ سبب گرمي جي شدت ۾ گھٽتائي اچي وئي ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي آھي

وارھه ۾ هلڪي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڳڙي سان برسات پوڻ سبب ڪڻڪ جي ديرن کي نقصان پهچڻ  جو خدشو آهي، کنڊو، ڪلر، ميد ۽ ٻين علائقن ۾ ڳڙي سان برسات پئي، آھي جنهن سبب ڪڻڪ جي پيل ديرن کي نقصان ٿيو آھي جڏھن ته برسات سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي آھي ۽ بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي

هوڏانهن قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به وقفي وقفي سان ھلڪي ھلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، برسات سبب  گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ بجلي جو نظام معطل ٿي ويو

هوڏانهن لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ طوفاني برسات جو سلسلو جاري آهي، سموري شهر جا رستا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، ڪيترن ئي دڪانن جا ڇپرا ۽ بورڊ ڪري پيا، سائن بورڊ اڏامي ويا، سوين سولر پليٽون ڀڄي پيون، بجلي ۽ ٽيليفون جو نظام درهم برهم ٿي ويو، ڪيترن پولن ۽ وڻن جي ڪرڻ جا اطلاع آهن

هوڏانهن ڪنڌرا ۾ تيز ھوا  ڳڙي سان گڏ برسات شروع ٿي وئي گرمي جو زور ٽٽي ويو جڏهن ته ڪنب۾ مٽي جي طوفان سبب ڪيترن ئي هنڌن تي ٺھيل ڪچاڇاپرا پٽ ٿي ويا ۽  بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، خيرپور شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان سان گڏ ڳڙي سان تيز برسات جاري آهي ۽ بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، بجلي بند، موسم خوشگوار