سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدامني خلاف ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻا

0
228
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدامني خلاف ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻا
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدامني خلاف ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بدامني جي باهه ٻري وئي، مختلف شهرن ۾ ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

 ڪڪڙ ۾ بدامني خلاف ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري آيا، ڳوٺ ٻيلو پتڻ جي رھواسين ۽ سماجي ڪارڪنن پاران عرفان حمزه جويو نديم جويو سعيد جانوري ماجد ڪولاچي نعيم ساند ياسين ملاح سميت ٻين رھواسين ٿرڙي جادوشھيد ٿاڻي جي حد علائقي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج ڪيو ويو

 عرفان جويو نديم جويو چيو آھي ته علائقي اندر چورن تر تپائي ڇڏيو آھي ڦرون چوريون ڌاڙا سميت مختلف ڏوھن جو ن وارداتون روز جو معمول بڻيل آھن مسجدون امام بارگاھون گھر دڪان چورين ٿيڻ کان غير محفوظ آھن

هنن جو چوڻ هو ته علائقي واسي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آھن پوليس ڪوب ٻوٽو ن ٻاريو آھي سماجي ڪارڪن نوجوان عرفان جويو جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل سميت مختلف ڏوھن جون وارداتون ٿرڙي جادو شھيد پوليس واپس ڪرائڻ ۽ امن امان بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آھي

 ڏوھاري سري عام گھمن ٿا جن کي چوڻ لاء تيارئي ناھي پوليس ساڻس ٻٽ بڻيل آھي اسين آءِ جي سنڌ ايس ايس پي دادو سميت وس وارن کان مطالبو ڪندي بدامني جي واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي چوري ٿيل موٽر سائيڪل مون سميت مختلف ڏوھن جون وارداتون واپس ڪري ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي

ميھڙ ۾ وڌندڙ بدامني ، ھٿرادو مھانگائي، اٽي جي اگھن ۾ واڌ ۽ مقامي انتظاميا جي نااھلي خلاف سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران غلام شبير منگي، حبيب حضوري، حاجي خان مارفاڻي ، مجيد سوڍر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس يو پي آفيس کان پيادل مارچ  ڪري نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو

 اڳواڻن چيو ته ميھڙ ۾ سرعام شھرين ۽ واپارين کي ڦريو وڃي ٿو بينڪ کان پيسا ڪڍرائي واپس ويندڙ واپارين کي ٽارگيٽ ڪيو وڃي ٿو ڦورن سان ميھڙ پوليس ۽ بينڪ عملو پڻ ملوث آھي

ھنن چيو ته رمضان شريف مھيني ۾ ھٿرادو مھانگائي ڪئي وئي آھي کاڌي پيتي جي شين جا اگھ چوٽ چڙھي ويا آھن ڊي سي دادو ، اي سي ، مختيارڪار ميھڙ ۽ مارڪيٽ ڪاميٽي جو عملو منافعي خورن سان مليل آھن

 ھنن چيو ته ظلم جي انتھا آھي ڪو به مسڪين ماروئڙن سان ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺڻ لاء تيار نه آھي ھنن مطالبو ڪيو ته ميھڙ ۾ وڌندڙ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري رمضان آرڊيننس تي عمل ڪيو وڃي بدامني کي ٻنجو ڏئي امن امان بحال ڪيو وڃي

ٿرڙي محبت جي شيخ aپاڙي ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم چور ڪرياني جي دڪاندار عرفان پٽ قاسم سولنگي جي گهر جي ڀت ٽپي لکين رپين جا سونا زيور روڪ رقم موبائل ڦون ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا

اطلاع ٿرڙي محبت پوليس کي ڏئي کوجي ڪتي ذريعي پيرو کڻايو ويو جيڪو ساڳي ۽ پاڙي ۾ خير محمد ملاح جي گهر ۾ پيرو لڳو متان پوليس شڪ جي بنياد تي ٻن ڀائرن اويس ۽ ظهير پٽ خيرمحمد ملاح کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو

محبت ديرو ڀرسان ھٿياربندن اسپتال جي چوڪيدار پرويز ڀئونر کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ورتي، جڏهن ته مزاحمت تي تشدد ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو

ٽنڊو آدم ۾ ريلوي پوليس ڪارروائي ڪري رڪشا لوڊر ۾ رکيل  ريلوي جو چوري ڪيل  16 مڻ سامان هٿ ڪري ڊرائيور عمران چشتي ۽ سندس ساٿي مشتاق چشتي کي گرفتار ڪري ورتو، ريلوي پوليس موجب معاملي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي

 پوليس موجب اطلاع مليو ته ريلوي ٽاور ڀرسان مينهن جي واڙي وٽ  ريلوي جي سامان سان ڀريل هڪ ڳاڙھي رنگ جي چنگچي لوڊر بيٺل آھي، جنهن جي تلاشي دوران سامان هٿ ڪيو ويو

ھوڏانهن رڪشا ڊرائيور پنهنجي ويڊيو بيان ۾  پوليس اهلڪارن تي الزام هنيو آهي ته اهو سامان سٽي ٿاڻي تان پوليس اهلڪار سلمان عرف صلو راجپوت ۽ محسن کوکر  کڻائي واڙي تي رکرايو، اسان ڪا به چوري ناهي ڪئي، اسان کي هروڀرو ڦاسايو ويو آھي

مدئجي ڀرسان تاجوديرو ٿاڻي جي حد ريلوي اسٽيشن ڀرسان هٿياربند ٽريڪٽر ڊرائيور وحيد سولنگي جا هٿ پير ٻڌي زمين ۾ ڦٽو ڪري ٽريڪٽر ڪاهي ويا، ڳوٺاڻن رڙين تي پهچي ڊرائيور جا هٿ پير کوليا

 ڊرائيور تاجوديرو ٿاڻي تي پهچي پوليس کي واقعي بابت ٻڌايو پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو،وحيدسولنگي دانهيندي چيوته مدئجي جي ڪچي مان مٽي کڻڻ وڃي رهيا هئاسين ته هٿياربندن جي ٽولي يرغمال بڻائي تشدد بعد ٽريڪٽر ڦري ويا آهن. هٿياربندن جو پيرو کنيو ويو، جيڪو ڪچي ۾ گم ٿي ويو

هي به پڙهندا

ٺري ميرواهه ۾خرچ گهرڻ تان ڳورهاريءَ تي مبينا تشدد، حمل ضايع ٿيڻ جو خدشو