سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جي بحران خلاف مظاهرا، ڌرڻا

0
268
سنڌ جي مختلف شهرن

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جي بحران خلاف مظاهرن جو سلسلو جاري، مٽياري ۾ سستو اٽو نه ملڻ خلاف شهرين طرفان قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ۾ عورتن به شرڪت ڪئي، ڌرڻي سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي

ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته سرڪاري اگهه تي شهر ۾ ڪٿي به اٽو نه پيو ملي، سستي اٽي جا اسٽال به نه لڳايا ويا آهن، سرڪاري اگهه تي اٽي جي فراهمي تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو ويو

ميرپور ماٿيلو ۾ عورتن جو اٽي جي کوٽ خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو، مختيارڪار ڌرڻي واري هنڌ پهچي عورتن کي اٽي فراهمي جي خاطري ڪرائي، سرڪاري اگهه تي اٽو ملڻ جي خاطرين بعد عورتن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

خانپور مهر ۾ به سستو اٽو نه ملڻ خلاف عورتون رستن تي نڪري آيون، عورتن مختيارڪار آفيس آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ڏورانهن علائقن مان سستو اٽو وٺڻ لاءِ ڀاڙا ڀري پهچون ٿا پر اٽو نه ٿو ملي

مظاهرين اپران انتظاميا کي سرڪاري اگهه تي اٽو فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي، جاتي ۾ به اٽي جي بحران خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي بک هڙتال، سرڪاري اگهه تي اٽي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو

هي ب ه پڙهندا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جو بحران ۽ اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف مظاهرا، ڌرڻا